bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 14
Isaiah 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 15 →
1
ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.
2
۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.
3
۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،
4
انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي!
5
خداوند شريرن جي لٺ ۽ حاڪمن جي عصا ڀڃي ڇڏي آهي
6
جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون.
7
ساري زمين آرام ۽ راحت ۾ آهي: اهي گيت ڳائڻ لڳن ٿا.
8
هائو، صنوبر جا وڻ ۽ لبنان جا ديودار توتي خوشي ظاهر ڪن ٿا، ۽ چون ٿا تہ جڏهن کان تون ڪري پيو آهين تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍڻ ڪونہ آيو آهي.
9
هيٺان دوزخ تنهنجي لاءِ چُريو آهي، انهي لاءِ تہ جڏهن تون اچين تڏهن توکي اچي گڏجي: اهو تنهنجي لاءِ مئلن کي، يعني زمين جي سڀني سردارن کي اُٿاري ٿو؛ انهيءَ ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تختن تان اُٿاريو آهي.
10
اهي سڀ توکي ورندي ڏئي چوندا تہ تون اسان وانگر ضعيف ٿي پيو آهين ڇا؟ تون بہ اسان جهڙو ٿيو آهين ڇا؟
11
تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.
12
اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!
13
۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس:
14
آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.
15
مگر تون هيٺ دوزخ ۾، پاتال جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين.
16
جيڪي توکي ڏسندا سي توتي غور سان نظر ڪندا، ۽ توتي ويچار ڪندا، ۽ چوندا تہ هي اهو ماڻهو آهي ڇا جنهن زمين کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيو؛
17
جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟
18
قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.
19
پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.
20
تون دفن ٿي قبر ۾ هنن سان نہ وڃي گڏبين، ڇالاءِ جو تو پنهنجو ملڪ ناس ڪيو آهي، تو پنهنجي قوم ڪهي ڇڏي آهي؛ بدڪارن جي نسل جو ڪڏهن بہ نالو ورتو نہ ويندو.
21
هنن جي ابن ڏاڏن جي گناهن ڪري، هن جي اولاد جي لاءِ اوهين ڪوس تيار ڪريو؛ تہ نہ هو اُٿن، ۽ نہ زمين هٿ ڪن، ۽ نہ دنيا جي سطح شهرن سان ڀري ڇڏين.
22
۽ لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هنن جي برخلاف اُٿندس ۽ بابل مان سندن نالو نشان، ۽ جيڪي باقي بچيو آهي سو، ۽ پٽ ۽ پوٽا وڍي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.
23
آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.
24
لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:
25
آءٌ پنهنجي ملڪ ۾ اسورين کي شڪست ڏيندس، ۽ پنهنجن جبلن تي انهيءَ کي پيرن هيٺ لتاڙيندس: تڏهن انهيءَ جي پاڃاري هنن تان لهندي، ۽ هن جو بار هنن جي ڪنڌ تان لهندو.
26
اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.
27
ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند اهو ارادو ڪيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي باطل ڪندو؟ ۽ اُنهيءَ جو هٿ ڊگهو ٿيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي موٽائيندو؟
28
جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.
29
اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.
30
تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا.
31
اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.
32
تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66