bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 7
Isaiah 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 8 →
1
۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.
2
۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.
3
تڏهن خداوند يسعياہ کي چيو تہ هاڻي تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي ميٽ جي کاڻ واري شاهي سڙڪ تي، مٿين ڍنڍ جي نهر جي پڇڙيءَ وٽ، آخز کي گڏجو؛
4
۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.
5
ڇالاءِ جو آرام، ۽ افرائيم، ۽ رملياہ جي پٽ، تنهنجي برخلاف خرابي سٽي آهي، ۽ چون ٿا تہ
6
هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون:
7
پر خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اها رِٿ ڪين بيهندي، ۽ ائين ڪين ٿيندو.
8
ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو:
9
۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.
10
پوءِ خداوند وري بہ آخز سان ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ
11
خداوند پنهنجي خدا کان ڪو نشان گهر؛ اهو هيٺ پاتال ۾ يا مٿي آسمان ۾ گهر.
12
پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس.
13
۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟
14
تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.
15
جيسين ڪہ بدي ڇڏڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي هن کي خبر پوي تيسين هو مکڻ ۽ ماني کائيندو.
16
ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي.
17
خداوند توتي، ۽ تنهنجي قوم تي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي تي اهڙا ڏينهن آڻيندو جهڙا افرائيم جي يهوداہ مان نڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اسور جي بادشاهہ جا ڏينهن.
18
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو.
19
۽ اهي سڀ اچي ويران وادين ۾، ۽ ٽڪرن جي چرن ۾ ۽ سڀني ڪنڊين تي، ۽ چراگاهن تي ويهنديون.
20
انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.
21
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو هڪڙي جوان ڳئون، ۽ ٻہ رڍون پاليندو؛
22
۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي ڏنل کير جي گهڻائيءَ کان هو مکڻ کائيندا: ڇالاءِ جو جيڪو بہ انهي زمين منجهہ رهجي ويندو سو مکڻ ۽ ماکي کائيندو.
23
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جتي جتي هڪ هزار ڊاک جا وڻ هوندا هئا، جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هوندي هئي، اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.
24
هڪڙو تير ۽ ڪمان کڻي ايندو؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا هوندا.
25
۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66