bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 60
Isaiah 60
Sindhi Bible
← Chapter 59
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 61 →
1
اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.
2
ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو.
3
۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا.
4
پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.
5
تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا.
6
اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.
7
قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.
8
هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟
9
يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.
10
۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم.
11
تنهنجا دروازا بہ هميشہ کليل رهندا؛ اهي نہ ڏينهن جو بند ٿيندا نہ رات جو؛ انهي لاءِ تہ ماڻهو قومن جي دولت کڻي، ۽ پنهنجن بادشاهن کي ساڻ وٺي تو وٽ اچن.
12
ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون.
13
لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس.
14
۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.
15
جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.
16
تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان.
17
آءٌ پتل جي بدران سون آڻيندس، ۽ لوهہ جي بدران چاندي آڻيندس، ۽ ڪاٺ جي بدران پتل، ۽ پهڻن جي بدران لوهہ: آءٌ تنهنجن عملدارن کي سلامتي، ۽ تنهنجي ڍل اُڳاڙڻ وارن کي سچائي بنائيندس.
18
تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.
19
اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.
20
تنهنجو سج اڳتي وري نہ لهندو، نڪي چنڊ وري گم ٿي ويندو: پر خداوند تنهنجي هميشہ جي روشنائي ٿيندو، ۽ تنهنجي ماتم جا ڏينهن پورا ٿي ويندا.
21
تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.
22
هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.
← Chapter 59
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 61 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66