bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 41
Isaiah 41
Sindhi Bible
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 42 →
1
اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.
2
ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.
3
هو انهن جي پٺيان پوي ٿو، ۽ سلامتيءَ سان لنگهي وڃي ٿو؛ اهڙي رستي تان جتي اڳي پير ڪونہ رکيو هئائين.
4
ڪنهن اُهو ڪم ڪيو آهي، ۽ پيڙهين کي شروعات کان سڏيو آهي؟ مون خداوند، جو اول ۽ آخر آهيان، اهو مون ڪيو آهي.
5
ٻيٽن ڏٺو ۽ اهي ڊنا؛ ۽ زمين جون سرحدون ڏڪي ويون: اهي ويجها آيا.
6
انهن مان هر ڪنهن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مدد ڪئي: ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي چيو تہ همت جهل.
7
انهيءَ طرح واڍي سوناري کي همتايو، ۽ جيڪو مترڪي سان لسو ٿو ڪري تنهن سنداڻ تي ڌڪ هڻندڙ کي همتايو، ۽ چيائين تہ ڳنڍ چڱو ٽاڪيل آهي: ۽ هن انهيءَ کي ڪلين سان سوگهو ڪيو تہ قابو رهي.
8
پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.
9
مون توکي زمين جي سرحدن مان هٿ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي ڪنڊن مان سڏيو اٿم، مون توکي چيو آهي تہ تون منهنجو بندو آهين، مون توکي چونڊيو آهي ۽ توکي رد ڪونہ ڪيو اٿم.
10
تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.
11
ڏس، جيڪي تو تي ڪاوڙيل آهن سي سڀ شرمندا ۽ بدنام ٿيندا: جيڪي تو سان وڙهن ٿا سي حقير ۽ تباهہ ٿيندا.
12
تون انهن کي ڳوليندين ۽ نہ لهندين، يعني جيڪي تو سان وڙهن ٿا: جيڪي تو سان جهيڙو ۽ جنگ ٿا ڪن، سي ڪين جهڙا، ۽ نابود ٿي ويندا.
13
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند، تنهنجو خدا، تنهنجو ساڄو هٿ جهلي توکي چوندس تہ ڊڄ نہ؛ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.
14
اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.
15
ڏس، آءٌ توکي هڪڙو نئون تکو ڳاهڻ جو ڏاندارو ڪندس ۽ تون جبلن کي ڳاهيندين، ۽ انهن کي ڪُٽي چور چور ڪندين، ۽ ٽڪرين کي تُهن جهڙو ڪندين.
16
تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.
17
غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
18
آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.
19
آءٌ بيابان ۾ ديودار ۽ ٻٻر جا وڻ، ۽ ميندي ۽ زيتون جا وڻ لڳائيندس؛ آءٌ رڻ پٽ ۾ صنوبر جا وڻ، ديال ۽ سڌا سرو گڏي لڳائيندس.
20
تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.
21
خداوند، يعقوب جو بادشاهہ، فرمائي ٿو تہ پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو؛ ۽ پنهنجا مضبوط دليل آڻيو.
22
ڀلي تہ اُهي آڻي ظاهر ڪن ۽ اسان کي ٻڌائين تہ ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي: جيڪي ڳالهيون اڳي ٿيون آهن سي اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهن تي غور ڪريون ۽ انهن جي پڇاڙي معلوم ڪريون؛ يا اسان کي ايندڙ وقت جون ڳالهيون ٻڌايو.
23
جيڪي ڳالهيون هن کان پوءِ ٿيڻ واريون آهن، سي اسان کي ٻڌايو، تہ پوءِ اسين ڄاڻون تہ اوهين خدا آهيو: هائو، چڱائي يا بڇڙائي ڪجهہ تہ ڪريو تہ اسين ڊڄون ۽ گڏجي اهي ڏسون.
24
ڏسو، اوهين ڪي ڪين آهيون ۽ اوهان جو ڪم بہ ڪي ڪين آهي: جيڪو اوهان کي پسند ٿو ڪري سو ڪراهت جهڙو آهي.
25
مون هڪڙي کي اُتر کان اُٿاريو آهي ۽ اهو اچي پهتو آهي؛ اهو جو سج جي اُڀرڻ واري هنڌان ٿو اچي ۽ منهنجو نالو وٺي ٿو پڪاري: ۽ اُهو حاڪمن جي مٿان ائين ٿو اچي، جيئن ڪو گچ تي اچي، ۽ جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي لتاڙي.
26
ڪنهن شروع کان اهو ٻڌايو آهي تہ اسان کي انهي جي خبر پوي؟ ۽ ڪنهن وقت کان اڳي ظاهر ڪيو آهي تہ اسين چئون تہ اهو راستباز آهي؟ هائو ڪوبہ ڪونهي جو ٻڌائي، ڪوبہ ڪونهي جو ڏيکاري، هائو، ڪوبہ ڪونهي جو اوهان جون ڳالهيون ٻڌي.
27
مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.
28
جڏهن آءٌ نهاريان ٿو، تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، انهن ۾ ڪوبہ صلاح ڏيڻ وارو ڪونهي جو جڏهن آءٌ هنن کان پڇان تڏهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ ڳالهائي سگهي.
29
ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 42 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66