bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 28
Isaiah 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 29 →
1
افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!
2
ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو.
3
افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جو تاج پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو.
4
۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.
5
انهي ڏينهن لشڪرن جو خداوند پنهنجي اُمت جي باقي بچيلن لاءِ جلال جو تاج، ۽ سونهن جو ڇٽ ٿيندو:
6
۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو.
7
پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.
8
ڇالاءِ جو سڀ دسترخانا اُلٽيءَ ۽ گندگيءَ سان ڀريل آهن، جنهن ڪري ڪابہ جاءِ صاف ڪانهي.
9
هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟
10
ڇالاءِ جو حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم آهي، قانون تي قانون، قانون تي قانون آهي؛ ٿورو هِتي، ٿورو هُتي.
11
نہ بلڪ ڌارين چپن وارن ماڻهن جي وسيلي، ۽ ٻيءَ ٻوليءَ سان هو هن اُمت سان ڳالهائيندو.
12
جنهن کي هن چيو تہ هيءَ آرام جي جاءِ آهي، جيڪي ٿڪل آهن، تن کي اوهين آرام ڏيو؛ هيءَ فرحت جي جاءِ آهي: تڏهن بہ هنن نہ ٻڌو.
13
تنهن ڪري خداوند جو ڪلام انهن جي لاءِ حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم ٿيندو؛ قانون تي قانون، قانون تي قانون ٿيندو؛ ٿورو هِتي ٿورو هُتي، انهي لاءِ تہ اهي وڃن ۽ پٺ تي ڪرن، ۽ شڪست کائين، ۽ ڦاسي پون، ۽ گرفتار ٿين.
14
تنهن ڪري اي ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو، جي يروشلم ۾ رهندڙ اُمت تي حڪومت ٿا ڪريو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:
15
ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:
16
تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.
17
آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.
18
۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.
19
جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.
20
ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي.
21
ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.
22
تنهن ڪري هاڻي اوهين ٺٺولي نہ ڪريو، متان اوهان جا بند مضبوط ڪيا وڃن؛ ڇالاءِ جو مون خداوند، لشڪرن جي خداوند کان ٻڌو آهي، تہ هن ساري ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.
23
اوهين ڪن ڏيو ۽ منهنجو آواز ٻڌو؛ ڌيان ڏيئي منهنجو چوڻ ٻڌو.
24
هاري پوک ڪرڻ لاءِ ڪو هميشہ هر ڏئي ٿو ڇا؟ هو ڪو هميشہ پنهنجي زمين جا ڀتر ڀڃي ۽ کوٽي ٿو ڇا؟
25
جڏهن هو انهيءَ کي مٿان سنئون سڌو ڪري ٿو، تڏهن هو جاڻ نٿو ڇٽي ڇا؟ ۽ ٻج نٿو پکيڙي ڇا؟ ۽ ڪڻڪ اوڙين ۾، ۽ جَوَ مقرر جاءِ تي، ۽ ٻاجهري انهي جي ڪناري تي نٿو ڇاٽاري ڇا؟
26
۽ هو اُهي پوريءَ طرح پوکي ٿو، ۽ هن جو خدا هن کي سيکاري ٿو.
27
هو جاڻ کي ڳاهڻ واري تکي اوزار سان نٿو ڳاهي، نڪي زيري تي گاڏي جو ڦيٿو ٿو ڦيرائي؛ جاڻ لٺ سان ڪُٽي ٿو، ۽ زيرو لڪڻ سان.
28
مانيءَ جو اَن چٿي ڪين ڇڏبو آهي، نڪي هو هميشہ انهي کي ڳاهيندو، ۽ نڪي انهي تي گاڏيءَ جو ڦيٿو ۽ گهوڙا هلائيندو؛ هو انهي کي چٿي ڪين ڇڏيندو.
29
اهو بہ لشڪرن جي خداوند وٽان ٿو اچي، جو مصلحت ۾ عجيب، ۽ ڏاهپ ۾ عظيم آهي.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66