bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 50
Isaiah 50
Sindhi Bible
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 51 →
1
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.
2
جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.
3
آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، ۽ انهن کي کٿي سان ڍڪيان ٿو.
4
خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.
5
خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس.
6
مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.
7
ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.
8
جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي.
9
ڏسو خداوند خدا منهنجي مدد ڪندو؛ ڪير مون کي ڏوهاري ٺهرائيندو؟ ڏس، اهي سڀ ڪپڙي وانگي پراڻا ٿي ويندا، اڏوهي انهن کي کائي ويندي.
10
اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.
11
ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 51 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66