bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 59
Isaiah 59
Sindhi Bible
← Chapter 58
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 60 →
1
ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي:
2
پر اوهانجين بدڪارين اوهان ۽ اوهان جي خدا جي وچ ۾ جدائي ڪئي آهي، ۽ اوهان جي گناهن هن جو منهن اوهان کان لڪايو جنهن ڪري هو نٿو ٻڌي.
3
ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.
4
ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.
5
اهي نانگ جي بيدن تي آرو ڪن ٿا، ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو ٿا اُڻين: جيڪو انهن جي بيدن مان کائي ٿو سو مري ٿو، جيڪو چپجي ٿو تنهن مان نانگ ٿو نڪري.
6
انهن جي ڄارن مان ڪپڙا نہ ٺهندا، نڪي هو پاڻ کي پنهنجن ڪمن سان ڍڪيندا: انهن جا ڪم بدڪاريءَ جا آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ ظلم جو ڪم آهي.
7
انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.
8
سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.
9
تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.
10
اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون،
11
اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.
12
ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي:
13
جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.
14
۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.
15
هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.
16
۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو.
17
هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.
18
هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو.
19
تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.
20
خداوند فرمائي ٿو تہ صيون ڏانهن، ۽ يعقوب ۾ جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن، تن ڏانهن هڪڙو نجات ڏيندڙ ايندو.
21
۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.
← Chapter 58
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 60 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66