bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 22
Isaiah 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 23 →
1
رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟
2
اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.
3
تنهنجا سڀ حاڪم ڀڄي هليا ويا ۽ انهن کي تيراندازن کڻي قيد ڪيو: تنهنجا جيڪي بہ ماڻهو لڌا سي سڀ گڏ ٻڌا ويا، اهي تمام پري ڀڄي ويا.
4
تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو.
5
ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.
6
ڇالاءِ جو عيلام جو جنگي رٿن ۽ گهوڙيسوارن سان تيرن جي بٿي کنئي؛ ۽ قير سپر جو پوش لاٿو.
7
۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا.
8
۽ هو يهوداہ جو ڍڪ کڻي ويو؛ ۽ انهيءَ ڏينهن تو ٻيلي واري گهر ۾ سلاح خاني تي نگاهہ ڪئي.
9
۽ اوهان دائود جي شهر جا ڀڳل ڀاڱا ڏٺا، جي گهڻا هئا: اوهان هيٺئين ڍنڍ جو پاڻي گڏ ڪيو.
10
۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا.
11
۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.
12
۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:
13
۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.
14
۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.
15
خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن خزانچيءَ وٽ وڃو، يعني شبناہ وٽ، جو گهر جي مٿان آهي ۽ چئو تہ،
16
تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!
17
اي زبردست ڏس، خداوند توکي سختيءَ سان پري اُڇلائيندو؛ هائو، هو توکي سوڙهو ويڙهي ڇڏيندو.
18
يقيناً هو توکي کينهوڙي وانگي وڏي ملڪ ۾ اُڇلائيندو تہ گول گول ڦيرائي؛ ۽ اتي تون، جو پنهنجي ڌڻيءَ جي گهر جي خواري آهين، مرندين، ۽ تنهنجي وڏائيءَ جون جنگي گاڏيون بہ اتي وينديون.
19
۽ آءٌ توکي تنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيندس، ۽ هو توکي تنهنجي درجي تان ڇڪي هيٺ آڻيندو.
20
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجي ٻانهي الياقيم بن خلقياہ کي سڏيندس:
21
۽ انهيءَ کي تنهنجو وڳو ڍڪائيندس، ۽ تنهنجي ڪمربند سان مضبوط ڪندس، ۽ حڪومت انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو يروشلم جي رهاڪن جو، ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو ابو ٿيندو.
22
۽ دائود جي گهراڻي جي ڪنجي آءٌ انهيءَ جي ڪلهي تي رکندس؛ ۽ هو کوليندو، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بند ڪندو؛ ۽ هو پوريندو ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ کولي سگهندو.
23
۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو.
24
۽ اهي سندس اباڻي گهراڻي جي سڀ وڏائي، اولاد توڙي نسل، سڀ ننڍا ٿانوَ، پيالن جهڙا، ۽ قرابن جهڙا، هن تي ٽنگي ڇڏيندا.
25
انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66