bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 51
Isaiah 51
Sindhi Bible
← Chapter 50
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 52 →
1
اوهين جي سچائيءَ تي هلو ٿا، ۽ خداوند کي ڳوليو ٿا سي منهنجي ٻڌو: جنهن ٽڪريءَ مان اوهين ٽڪيا ويا، ۽ جنهن کڏ جي ٽُنگ مان اوهين کوٽيا ويا، انهن ڏانهن نهاريو.
2
پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.
3
ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.
4
اي منهنجي اُمت مون ڏانهن ڌيان ڏيو؛ اي منهنجي قوم مون ڏانهن ڪن ڏي: ڇالاءِ جو مون کان شريعت جاري ٿيندي، ۽ آءٌ پنهنجي عدالت قومن جي سوجهري لاءِ قائم ڪندس.
5
منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.
6
اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.
7
اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.
8
ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.
9
اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.
10
تون اها ناهين ڇا جنهن سمنڊ کي، بلڪ وڏي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؟ جنهن ڇڏايلن جي پار لنگهڻ لاءِ سمنڊ جي تري کي رستو بنايو؟
11
اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.
12
آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛
13
تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟
14
جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.
15
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان جو هن جون لهرون گجگوڙ ٿيون ڪن: منهنجو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.
16
مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.
17
اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.
18
جي پٽ هن ڄڻيا آهن تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو هن جي رهبري ڪري؛ نڪي جيڪي پٽ هن پاليا آهن تن مان ڪو اهڙو آهي جو هن جو هٿ وٺي.
19
اهي ٻئي شيون توتي اچي پيون آهن، ڪير تنهنجي حال تي افسوس ڪندو؟ سڃ ۽ بربادي، ڏڪار ۽ ترار، ڪيئن آءٌ توکي دلاسو ڏيان؟
20
تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.
21
تنهن ڪري هاڻي اي ڏکويل، تون جا مست ٿي آهين، پر شراب سان نہ، هي ٻڌ:
22
خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.
23
آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.
← Chapter 50
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 52 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66