bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 30
Isaiah 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 31 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.
2
اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن!
3
تنهن ڪري مصر جو زور اوهان جي لاءِ شرم ٿيندو، ۽ مصر جي پاڇي جو ڀروسو اوهان لاءِ مونجهارو ٿيندو.
4
ڇالاءِ جو هن جا سردار ضعن ۾ آهن، ۽ هن جا ايلچي حنيس ۾ آيا آهن.
5
اهي سڀيئي انهي قوم کان شرمندا ٿيندا، جا انهن کي ڪوبہ فائدو نٿي پهچائي، جنهن ۾ ڪابہ مدد ۽ قاعدو ڪونهي؛ پر فقط شرمندگي ۽ خواري آهي.
6
ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.
7
ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.
8
هاڻي وڃي اهو هن جي اڳيان هڪڙيءَ تختيءَ تي لک، ۽ هڪڙي ڪتاب ۾ داخل ڪر، تہ هو ايندڙ وقت لاءِ، ۽ هميشہ جي واسطي قائم رهي.
9
ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:
10
اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.
11
رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.
12
تنهن ڪري اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ڪلام جي حقارت ٿا ڪريو، ۽ ظلم ۽ ڏنگائيءَ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهي تي ٽيڪ ٿا ڏيو؛
13
تنهن ڪري هيءَ بڇڙائي اوهان لاءِ اهڙي ٿيندي جهڙي ڦاٽل ڀت جا ڪِرڻ تي هجي، يا وڏي ڀت جنهن جو پيٽ ٻاهر نڪتل هجي، جا هڪڙي ئي لحظي ۾ اوچتو ئي اوچتو ڀڄي ڪري پوي.
14
هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي.
15
ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو.
16
اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.
17
هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا.
18
تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.
19
اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.
20
جيتوڻيڪ خداوند اوهان کي مصيبت جي ماني ۽ ڏک جو پاڻي ڏيندو، تڏهن بہ اڳتي تنهنجا استاد لڪايا نہ ويندا، بلڪ تنهنجون اکيون تنهنجن اُستادن کي ڏسنديون.
21
جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.
22
۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.
23
۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.
24
ڏاند توڙي جوان گڏهہ، جي زمين ٿا کيڙين، سي ڪوڏر ۽ سپ سان وائريل سوادي چارو کائيندا.
25
۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.
26
انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.
27
ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي.
28
هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي.
29
جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا.
30
۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.
31
ڇالاءِ جو خداوند جي آواز جي ڪري اسور ڀڄي پرزا پرزا ٿيندو، هو انهي کي لٺ سان ماريندو.
32
جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو.
33
ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66