bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 1
Proverbs 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ سليمان بن دائود جا مثل:
2
ڏاهپ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ؛ سمجهہ جهڙين ڳالهين معلوم ڪرڻ لاءِ؛
3
عقل جي وهنوار ۾، ۽ سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف ۾ تعليم ملڻ لاءِ؛
4
ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:
5
انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:
6
پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.
7
خداوند جو خوف علم جو منڍ آهي: پر بي عقل، ڏاهپ ۽ تعليم کي ڌڪارين ٿا.
8
اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌ، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي:
9
ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.
10
اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن گنهگار توکي ڌتارين، تہ تون هنن جي ڳالهہ متان مڃين.
11
جيڪڏهن هو چون تہ اسان سان هل تہ خونريزيءَ جي لاءِ منتظر ٿي ويهون، ۽ سبب کانسواءِ بي گناهہ جي لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ويهون؛
12
هل تہ هلي انهن کي قبر وانگر سڄا سارا جيئرو ئي ڳهي وڃون، انهن ماڻهن وانگر جي هيٺ کڏ ۾ ڪرن ٿا؛
13
۽ اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گهر لٽ جي مال سان ڀرينداسين؛
14
تون اسان منجهہ پنهنجو ڪڻو وجهندين؛ ۽ اسان سڀني وٽ هڪڙي همياڻي رهندي:
15
اي منهنجا پٽ، تون انهن سان گڏ رستي تي نہ هل؛ هنن جي واٽ کان پنهنجو پير پري ڪر؛
16
ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.
17
ڇالاءِ جو ڄار پکيءَ جي ڏسندي اجايو پکيڙيو ويو آهي:
18
ڇالاءِ جو اُهي پنهنجي ئي خون جي لاءِ منتظر ٿي ٿا ويهن، ۽ پنهنجين ئي حياتين لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ٿا ويهن.
19
جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.
20
ڏاهپ سڙڪ تي وڏي سڏ رڙيون ڪري ٿي؛ هوءَ ڪشادين جاين تي پڪاري ٿي؛
21
هوءَ انهيءَ هنڌ رڙيون ڪري ٿي جتي خاص طرح گهڻا ماڻهو گڏ ٿين ٿا؛ شهر ۾ دروازن جي لنگهہ تي هوءَ پنهنجون ٻوليون ٻڌائي ٿي.
22
اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟
23
اوهين منهنجي عتاب تي ڦرو: ڏسو آءٌ پنهنجو روح اوهان تي اوتي وجهندس، آءٌ اوهان کي پنهنجون ڳالهيون سمجهائيندس.
24
ڇالاءِ جو مون سڏيو آهي، ۽ اوهان انڪار ڪيو آهي؛ مون پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڌيان ڪونہ ڏنو؛
25
پر اوهان منهنجي سڀ صلاح مصلحت باطل ڪري ڇڏي، ۽ منهنجو عتاب ٻڌڻ نہ گهريو:
26
اوهان جي مصيبت جي ڏينهن ۾ آءٌ بہ کلندس؛ جڏهن اوهان تي ڊپ ايندو تڏهن آءٌ ٺٺوليون ڪندس؛
27
جڏهن اوهان تي ڊپ طوفان وانگر ايندو، ۽ اوهان جي مصيبت واچوڙي وانگر ايندي؛ جڏهن تنگي ۽ ڏک اوهان تي ايندو؛
28
تڏهن هو مون کي پڪاريندا پر آءٌ جواب نہ ڏيندس؛ هو سعيو ڪري مون کي ڳوليندا پر هو مون کي نہ لهندا:
29
ڇالاءِ جو جن علم کي ڌڪاريو ۽ خدا جي خوف کي پسند نہ ڪيو:
30
انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.
31
تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.
32
ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.
33
پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31