bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 25
Proverbs 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 26 →
1
هي بہ سليمان جا مثل آهن، جي يهوداهہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ماڻهن نقل ڪيا.
2
اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.
3
آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائي، ۽ بادشاهن جي دل جو حال ڳولي لهڻ جو ئي نہ آهي.
4
چانديءَ جو مٺ ڪڍي ڇڏڻ سان، سوناري لاءِ هڪڙو باسڻ نڪري ظاهر ٿئي ٿو.
5
شرير ماڻهوءَ کي بادشاهہ جي حضور مان ڪڍي وڃ، تہ سندس تخت سچائيءَ جي ڪري قائم رهندو.
6
بادشاهہ جي حضور ۾ اڳرائي ڪري پاڻ کي پيش نہ ڪر، ۽ وڏن ماڻهن جي جاءِ تي نہ بيهہ:
7
بهتر ائين آهي تہ توکي چون تہ اڳيان وڌي اچ، انهيءَ کان تہ جنهن بادشاهہ کي تنهنجن اکين ڏٺو آهي تنهنجي حضور ۾ توکي هيٺ ويهارين.
8
تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.
9
پنهنجي دعويٰ بابت خود پنهنجي پاڙيسريءَ سان بحث هلاءِ، ۽ ٻئي جو ڳجهہ ظاهر نہ ڪر.
10
متان جيڪو اُهو ٻڌي سو تنهنجي گلا ڪري، ۽ تنهنجي بدنامي ٽري نہ وڃي.
11
مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،
12
جيئن سونو در ۽ خالص سون جا زيور، تيئن مڃيندڙ ڪن جي لاءِ ڏاهو نصيحت ڪندڙ.
13
جيئن لاباري جي موسم ۾ برف جي سردي، تيئن ايماندار قاصد انهن جي لاءِ جي اُن کي موڪلين ٿا، ڇالاءِ جو هو پنهنجن مالڪن جي روح کي تازو توانو ٿو ڪري.
14
جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.
15
گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.
16
تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.
17
بار بار پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر ۾ پير نہ وجهندو ڪر، متان هو تو مان ڪڪ ٿي پوي ۽ توکي ڌڪاري.
18
جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي ڏئي ٿو، سو هڪڙو ميخ مار، ۽ هڪڙي ترار ۽ تکو تير آهي.
19
تڪليف جي وقت بي ايمان ماڻهوءَ ۾ ويساهہ رکڻ، اهڙو آهي جهڙو ڀڳل ڏند، ۽ سنڌ کان نڪتل پير.
20
جيڪو غمگين دل واري جي اڳيان گيت ڳائي ٿو سو انهيءَ ماڻهو وانگر آهي جو سياري ۾ ڄڻ تہ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي، ۽ شوري تي سرڪو ٿو وجهي.
21
جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.
22
انهيءَ طرح تون هن جي مٿي تي ٽانڊا رکندين، ۽ خداوند توکي اجر ڏيندو.
23
اُتر جو واءُ مينهن آڻيندو آهي: ساڳئي طرح گلا غيبت ڪندڙ زبان ڪاوڙ واري صورت آڻي ٿي.
24
گهر جي ڇت جي ڪنڊ تي ويهڻ، ڪشادي گهر ۾ جهيڙي ڪندڙ زال سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي.
25
جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.
26
جيئن لتڙيل پاڻي وارو چشمو ۽ ڪِنو ٿيل کوهہ، تيئن اُهو سچو ماڻهو جو شرير جي ڳالهہ قبول ڪري.
27
گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.
28
جنهن جي طبيعت روڪڻ جي ناهي، سو انهي شهر وانگر آهي جو ڀڄي پيو هجي ۽ ڀت ڪانہ هجيس.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31