bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 28
Proverbs 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
1
شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.
2
ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو.
3
ڪنگال ماڻهو جو غريبن تي ظلم ڪري ٿو، سو انهي طوفان واري مينهن وانگي آهي جو اَن جو داڻو کاڌي لاءِ نٿو ڇڏي،
4
جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.
5
خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا.
6
جيڪو غريب پنهنجي سنوت ۽ سچائي جي رستي تي هلي ٿو، سو انهي کان بهتر آهي جو ڏنگن رستن تي هلي ٿو اگرچہ اُهو ڀلي تونگر هجي.
7
جيڪو شريعت جي سنڀال رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي، پر جيڪو پيٽورن جو سنگتي آهي سو پنهنجي پيءُ کي شرمندو ڪري ٿو.
8
جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.
9
جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.
10
جيڪو سنئين هلڻ واري کي ڪنهن خراب رستي ڏي ڦيري گمراهہ ڪري ٿو، سو پاڻ پنهنجي کڏ ۾ ڪري پوندو، پر ڪامل ماڻهو نيڪيءَ جا وارث ٿيندا.
11
دولتمند ماڻهو پنهنجي سمجهہ موجب ڏاهو آهي، پر سمجهہ وارو غريب اُن کي جانچي وٺي ٿو.
12
جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.
13
جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.
14
سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو.
15
جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.
16
جنهن بادشاهہ کي سمجهہ ڪانهي سو وڏو ظالم بہ ٿئي ٿو، پر جيڪو لالچ کي ڌڪاري ٿو تنهنجا ڏينهن گهڻا ٿيندا.
17
جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي.
18
جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.
19
جيڪو پنهنجي زمين کي پوکي ٿو تنهن کي مئو ماني ملندي، پر جيڪو اجاين ماڻهن جي پٺيان ٿو لڳي سو گهڻو ڪنگال ٿيندو.
20
ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو.
21
پاسداري ڪرڻ چڱي نہ آهي، نڪي ڪنهن ماڻهو کي ٽڪر ڀوري لاءِ ڏوهہ ڪرڻ گهرجي.
22
جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي.
23
جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.
24
جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ اهو ڪو ڏوهہ ناهي، سو هڪڙي ناس ڪندڙ ماڻهو جو سنگتي آهي.
25
جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.
26
جيڪو پنهنجي دل تي ڀروسو ٿو رکي سو بي عقل آهي، پر جيڪو ڏاهپ سان هلي ٿو سو ڇوٽڪارو لهندو.
27
جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي.
28
جڏهن شرير کڙا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين، پر جڏهن هو چٽ ٿين ٿا تڏهن سچا وڌن ٿا.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31