bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 2
Proverbs 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 3 →
1
اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون منهنجون ڳالهيون قبول ڪندين، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکندين؛
2
جيڪڏهن تون پنهنجا ڪن ڏاهپ ڏانهن ڦيرائيندين، ۽ پنهنجي دل سمجهہ تي لڳائيندين؛
3
هائو، جيڪڏهن تون سياڻپ کي سڏيندين، ۽ سمجهہ کي پڪاريندين؛
4
جيڪڏهن تون انهيءَ کي چانديءَ وانگر ڳوليندين، ۽ لڪلن خزانن وانگر انهيءَ جي ڳولا ڪندين؛
5
تہ پوءِ تون خدا جو خوف سمجهندين، ۽ خدا جي سياڻپ حاصل ڪندين.
6
ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا:
7
هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛
8
انهيءَ لاءِ تہ هو عدالت جي رستن جي سنڀال ڪري، ۽ پنهنجي مقدسن جو رستو قائم رکي.
9
تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.
10
ڇالاءِ جو ڏاهپ تنهنجي دل ۾ داخل ٿيندي، ۽ علم تنهنجي روح کي پسند ايندو؛
11
سياڻپ تنهنجي نگهباني ڪندي، سمجهہ تنهنجي سنڀال ڪندي:
12
انهيءَ لاءِ تہ توکي خرابيءَ جي رستي کان، ۽ جيڪي ماڻهو بيهوديون ڳالهيون ٿا ڪن تن کان بچائي؛
13
جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛
14
جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:
15
جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:
16
انهيءَ لاءِ تہ توکي ڌاريءَ زال کان بچائي، يعني انهيءَ ڌاريءَ زال کان جا پنهنجين ٻولين سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي؛
17
جا پنهنجي جوانيءَ جو سنگتي ڇڏي ڏئي ٿي، ۽ پنهنجي خدا جو عهد اقرار وساري ڇڏي ٿي:
18
ڇالاءِ جو هن جو گهر موت ڏانهن ڦريل آهي، ۽ هن جون واٽون اونداهيءَ ڏانهن:
19
جيڪي هن وٽ وڃن ٿا تن مان ڪوبہ ڪونہ ٿو موٽي؛ نڪي اهي حياتيءَ جي واٽن کي پهچن ٿا:
20
انهيءَ لاءِ تہ تون چڱن ماڻهن جي رستي تي هلين، ۽ سچن جون واٽون سنڀالي وٺي اچين.
21
ڇالاءِ جو سچا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهندا، ۽ ڪامل انهيءَ ۾ وڃي بچندا.
22
پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31