bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 3
Proverbs 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 4 →
1
اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:
2
ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا.
3
ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:
4
ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.
5
پنهنجي سموريءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رک، ۽ پنهنجي سمجهہ تي ٽيڪ نہ ڏي:
6
پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.
7
پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:
8
اها تنهنجي دُن لاءِ تندرستي، ۽ تنهنجن هڏن لاءِ مک آهي.
9
خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:
10
تہ پوءِ تنهنجا ڀانڊا گهڻي مال سان ڀربا، ۽ تنهنجا مٽ نئين شراب سان آڦر ڪندا.
11
اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ:
12
ڇالاءِ جو جنهن کي خداوند پيار ڪري ٿو تنهن کي فهمائش ڏئي ٿو؛ جيئن ڪو پيءُ پٽ کي ڪري، جو هن کي وڻي ٿو.
13
سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جو ڏاهپ لهي ٿو، ۽ اُهو ماڻهو جو سمجهہ حاصل ڪري ٿو.
14
ڇالاءِ جو انهيءَ جو واپار چانديءَ جي واپار کان بهتر آهي، ۽ انهيءَ جو نفعو خالص سون کان بهتر آهي.
15
اُها لعلن کان زيادہ قيمتي آهي، ۽ جن شين جي توکي خواهش ٿي سگهي ٿي تن مان ڪابہ ان سان مقابلو ڪري نہ سگهندي.
16
عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي.
17
اُن جا رستا خوشيءَ جا رستا آهن، ۽ اُن جون سڀ واٽون سلامتيءَ جون آهن.
18
جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.
19
خداوند ڏاهپ سان زمين جو بنياد وڌو؛ سمجهہ سان هن آسمان قائم ڪيا.
20
هن جي علم سان سمنڊ ڦاٽي نڪتا، ۽ آسمان مان ماڪ پوي ٿي.
21
اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛
22
جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا.
23
تڏهن تون پنهنجي رستي تي صحيح سلامت هلندين، ۽ تنهنجو پير نہ آٿڙندو.
24
جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي.
25
اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان:
26
ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو ٿيندو، ۽ تنهنجي پير کي پڪڙجڻ کان سنڀاليندو.
27
جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي.
28
پنهنجي پاڙيسريءَ کي نہ چئُہ تہ وڃ ۽ وري اچ، ۽ سڀاڻي آءٌ ڏيندس؛ جڏهن اها تو وٽ موجود آهي.
29
پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪنهن برائيءَ جي رٿ نہ ڪر، جڏهن ڏسين ٿو تہ هو تنهنجي پاسي ۾ بي خوف رهي ٿو.
30
ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان سبب کان سواءِ نہ وڙهہ، بشرطيڪ هن توکي ڪو نقصان نہ پهچايو هجي.
31
ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ تي ريس نہ ڪر، ۽ هن جو ڪوبہ رستو پسند نہ ڪر.
32
ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي.
33
خداوند جي لعنت شريرن جي گهر ۾ آهي؛ پر سچن جي رهڻ جي جاءِ تي هو برڪت وجهي ٿو.
34
يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو.
35
ڏاهن کي جلال ورثي ۾ ملندو، پر بي عقلن جي ترقي شرمندگي ٿيندي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31