bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 29
Proverbs 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 30 →
1
جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.
2
جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.
3
جنهن جي ڏاهپ سان محبت آهي سو پنهنجي پيءُ کي خوش ڪري ٿو، پر جيڪو ڪسبياڻين سان سنگت ٿو رکي سو پنهنجو مال ملڪيت ضايع ڪري ٿو.
4
بادشاهہ عدالت سان ملڪ کي قائم ڪري ٿو، پر جيڪو زور سان نذرانا وٺي ٿو سو ملڪ کي تباهہ ڪري ٿو.
5
جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.
6
خراب ماڻهوءَ جي ڏوهہ ۾ هڪڙو ڦانڌو آهي، پر سچو ڳائي ٿو ۽ خوشيون ڪري ٿو.
7
سچو ماڻهو غريبن جي معاملي جي پوري خبر لهي ٿو، شرير ماڻهوءَ کي انهي جي خبر لهڻ جي سمجهہ ڪانهي.
8
ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو شرير کي باهہ ڏيو ڇڏين، پر ڏاها ماڻهو ڪاوڙ پاسي ورايو ڇڏين.
9
جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جو تڪرار ڪنهن بي عقل ماڻهوءَ سان ٿيو، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کلي، پر آرام ڪونہ ايندس.
10
خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
11
بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو.
12
جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن.
13
غريب ماڻهو ۽ ظالم ٻئي گڏجن ٿا، خداوند انهن ٻنهي جون اکيون روشن ڪري ٿو.
14
جيڪو بادشاهہ ايمانداريءَ سان غريبن جو انصاف ڪري ٿو، تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم رهندو.
15
لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.
16
جڏهن شرير وڌن ٿا تڏهن گناهہ وڌي ٿو: پر سچا انهن جي تباهي ڏسندا.
17
پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي تہ هو توکي آرام ڏي؛ هائو هو تنهنجي روح کي راحت ڏيندو.
18
جتي ڪو رويا ڪونهي اُتي ماڻهو بي لغام ٿيو وڃن، پر اُهو سڀاڳو آهي جو شريعت جي سنڀال ڪري ٿو.
19
نوڪر رڳو ڳالهين سان ڪين سڌرندو: ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو سمجهندو تہ بہ ڌيان ڪين ڏيندو.
20
اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو ڳالهائڻ ۾ تڪڙو آهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي.
21
جيڪو ننڍي هوندي کان پنهنجي نوڪر کي ناز سان پالي ٿو، تنهنجو نيٺ اُهو پٽ ٿي ويهندو.
22
ڪاوڙ وارو ماڻهو جهيڙو اُٿاري ٿو، ۽ غضبناڪ ماڻهو گناهہ ۾ وڌندو ويندو.
23
ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.
24
جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري.
25
ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.
26
گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.
27
بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31