bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 10
Proverbs 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 11 →
1
سليمان جا مثل. ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل پٽ پنهنجي ماءُ جي دل جو بار آهي.
2
شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.
3
خداوند سچن جي روح کي بک مرڻ، نہ ڏيندو: پر هو شريرن جي خواهش برباد ڪيو ڇڏي.
4
جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو.
5
جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو.
6
سچي جي مٿي تي برڪتون آهن: پر شرير جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.
7
انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.
8
ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.
9
جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو سلامتيءَ سان هلي ٿو: پر جيڪو ڏنگا رستا وٺي ٿو سو سڃاتو ويندو.
10
جيڪو اک ڇنڀي ٿو سو ڏک پيدا ڪري ٿو؛ پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو.
11
سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو.
12
ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو.
13
سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي.
14
ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي.
15
دولتمند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي: پر غريب ماڻهوءَ جي غريبي سندس ناس ٿيڻ جو سبب آهي.
16
سچي جو پورهيو حياتيءَ جو سبب آهي؛ پر شرير جو وڌڻ گناهہ جو سبب آهي.
17
جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.
18
جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي.
19
گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري.
20
سچي جي زبان عمدي چاندي آهي: شرير جي دل جو ڪوبہ ملهہ ڪونهي.
21
سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.
22
خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.
23
شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي.
24
شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي.
25
جڏهن واچوڙو لنگهي ٿو، تڏهن شرير گم ٿي وڃي ٿو: پر سچي جو بنياد سدائين قائم آهي.
26
جيئن سرڪو ڏند لاءِ دونهون اکين لاءِ، تيئن سست ماڻهو انهن لاءِ جي هن کي موڪلين ٿا.
27
خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا.
28
سچي جي اُميد خوشي ٿيندي: پر شرير جي آس چٽ ٿي ويندي.
29
خداوند جو رستو سچي جي لاءِ هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي: پر گناهہ ڪندڙن جي لاءِ موت آهي.
30
سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا.
31
سچن جي وات مان ڏاهپ ٿي نڪري: پر بيهودي زبان وڍي ويندي.
32
سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31