bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 7
Proverbs 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 8 →
1
اي منهنجا پٽ، منهنجين ڳالهين جي سنڀال ڪج، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکج.
2
منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ؛ ۽ منهنجي قاعدي کي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر سنڀال.
3
انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ.
4
ڏاهپ کي چئُہ تہ تون منهنجي ڀيڻ آهين؛ ۽ سمجهہ کي پنهنجي مائٽياڻي سڏ:
5
تہ اُهي توکي ڌارين زالن کان بچائين، اها ڌاري زال جا پنهنجي ٻولن سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي.
6
ڇالاءِ جو پنهنجي گهر جي دريءَ مان، مون ڳڙکين مان ٻاهر نهاريو؛
7
۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،
8
جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛
9
ڏينهن لهڻ مهل شام جو شفق ۾، رات جي ڪارنهن ۽ اونداهيءَ ۾،
10
۽ ڏس، هن کي هڪڙي زال گڏي، جنهن کي ڪڃريءَ جهڙي پوشاڪ پيئي هئي ۽ دل جي مڪار هئي.
11
هوءَ بڪ بڪ ڪندڙ ۽ خود خيال آهي؛ هن جا پير پنهنجي گهر ۾ نٿا ٽڪن:
12
ڪڏهن هوءَ گهٽين ۾ آهي، ڪڏهن ڪشادن ميدانن ۾، ۽ سڀ ڪنهن ڪنڊ تي ڇپ هڻي ويهي ٿي.
13
ائين هن زال انهيءَ ماڻهوءَ کي پڪڙي چُمي ڏني، ۽ بي حيا منهن سان هن کي چوڻ لڳي:
14
تہ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون مون سان آهن؛ اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجون مڃتائون پوريون ڪيون آهن.
15
تنهن ڪري آءٌ توکي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي آهيان، ڏاڍيءَ ڪوشش سان تنهنجي منهن جي تلاش پئي ڪيم ۽ هاڻ مون توکي لڌو آهي.
16
مون پنهنجي پلنگ تي نقشدار غاليچا، ۽ مصر جا سوٽي پٽاپٽي ڪپڙا وڇايا آهن.
17
مون پنهنجي هنڌ کي مر ۽ عود ۽ دالچينيءَ سان خوشبوءِ دار ڪيو آهي.
18
اچ تہ هلي صبح تائين پيٽ ڀري پاڻ ۾ محبت ونڊيون؛ پاڻ کي پيار سان تسلي ڏيون.
19
ڇالاءِ جو منهنجو مڙس گهر ڪونهي؛ پر وڏي پنڌ جي سفر تي ويو آهي:
20
هو پاڻ سان ناڻي جي ڳوٿري کڻي ويو آهي؛ هو ڀرئي چنڊ گهر ايندو.
21
ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي.
22
هو سڌو هن جي پٺيان هليو وڃي ٿو، جيئن ڪو ڏاند ڪوس تي وڃي يا جيئن زنجيرن ۾ بي عقل سزا لاءِ وڃن؛
23
تان جو هڪڙو تير هن جي جگر مان لنگهي وڃي ٿو؛ جيئن ڪو پکي ڊوڙي وڃي دام ۾ پوي، ۽ خبر نہ پويس تہ اهو سندس ساهہ لاءِ آهي.
24
تنهن ڪري هاڻي اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ جيڪي لفظ منهنجي واتان نڪرن ٿا تن تي ڌيان ڏيو.
25
پنهنجي دل کي هن جي رستن ڏي ڦرڻ متان ڏين، گمراهہ ٿي هن جي واٽن ۾ متان وڃين.
26
ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڦٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي: هائو جن سڀني کي هن ڪهي ڇڏيو آهي سي هڪڙو وڏو لشڪر آهن.
27
هن جو گهر قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي، جو لهي موت جي ڪوٺين ڏانهن ٿو وڃي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31