bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 20
Proverbs 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 21 →
1
شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.
2
بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي: جيڪو انهيءَ کي چيڙائي ڪاوڙ ڏياري ٿو سو پنهنجي ئي حياتيءَ جي برخلاف گناهہ ڪري ٿو.
3
جهيڙي کان پري رهڻ ماڻهوءَ جي لاءِ عزت آهي: پر سڀڪو بيوقوف جهڙا ڪندو رهندو.
4
سست ماڻهو سياري جي ڪري هر نہ ڏيندو؛ تنهن ڪري فصل لهڻ وقت هو پنندو ۽ ڪجهہ بہ نہ ملندس.
5
ماڻهوءَ جي دل ۾ صلاح مصلحت اونهي پاڻيءَ وانگر آهي؛ پر سمجهو ماڻهو اُها ڇڪي ڪڍي ٿو.
6
گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟
7
انصاف پسند ماڻهو، جو پنهنجي سچائيءَ تي هلي ٿو، تنهن جو اولاد کانئس پوءِ برڪت وارو ٿو ٿئي.
8
بادشاهہ جو عدالت جي تخت تي ويهي ٿو، سو پنهنجين اکين سان سڀ خرابي پرکي ٿو.
9
ڪير چئي سگهندو تہ مون پنهنجي دل پاڪ ڪئي آهي، ۽ آءٌ گناهہ کان پاڪ آهيان.
10
ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.
11
هڪڙو ٻار بہ پنهنجن ڪمن مان سڃاڻي سگهبو ۽ هن جو ڪم پاڪ ۽ درست آهي يا نہ.
12
ٻڌندڙ ڪن ۽ ڏسندڙ اک، انهن ٻنهي کي خداوند جوڙيو آهي.
13
ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.
14
خريد ڪندڙ چوي ٿو تہ اهو ڪم جو نہ آهي؛ پر جڏهن هو هليو وڃي ٿو تڏهن ٻٽاڪ هڻي ٿو.
15
سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.
16
جيڪو ڌارئي ماڻهوءَ جو ضامن آهي تنهنجو ڪپڙو جهل، ۽ جيڪو ڌارين جو ضامن آهي تنهن کي پاڻ وٽ ڳهہ ۾ رک.
17
دغا جي ماني ماڻهوءَ کي مٺي ٿي لڳي؛ پر پوءِ هن جو وات ڪڪريءَ سان ڀرجي ٿو.
18
سڀڪو ڪم صلاح مصلحت سان قائم ٿئي ٿو: ۽ تون سياڻي صلاح وٺي پوءِ جنگ ڪر.
19
جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.
20
جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.
21
ميراث تڪڙ سان شروعات ۾ هٿ ڪري ٿي سگهجي؛ مگر ان جي پڇاڙي برڪت واري نٿي ٿئي.
22
تون ائين نہ چئُہ تہ آءٌ بديءَ جو بدلو وٺندس: خداوند تي آس رک تہ هو پاڻيهي توکي بچائيندو.
23
ٻن قسمن جا تورا خداوند جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهن؛ ۽ کوٽي ساهمي چڱي نہ آهي.
24
ماڻهوءَ جو گهمڻ گهتڻ خداوند جي وس آهي، تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح پنهنجو رستو سمجهي سگهندو؟
25
تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.
26
ڏاهو بادشاهہ شريرن کي اُڏايو ڇڏي ۽ انهن جي مٿان ڳاهڻ جو ڦيٿو گهمائي ٿو.
27
ماڻهوءَ جو روح خداوند جو ڏيئو آهي، جو سڀني اندرين ڳجهن حصن جي جاچ ڪري ٿو.
28
رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.
29
جوان ماڻهن جو فخر سندن زور آهي: ۽ ٻڍن ماڻهن جي سونهن سندن اڇو مٿو.
30
چهبڪ جا ڦٽ بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين: مار کائڻ سان دل صاف ٿئي ٿي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31