bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 27
Proverbs 27
Sindhi Bible
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
1
سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.
2
ڀلي تہ ڪو ٻيو تنهنجي تعريف ڪري ۽ نہ خود تنهنجو وات، ڪو ڌاريو ڪري ۽ نہ خود تنهنجا چپ.
3
پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري وزني آهي، پر بي عقل جي چڙ انهن ٻنهي کان ڳري آهي.
4
ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟
5
لڪل محبت کان ظاهر ظهور ملامت بهتر آهي.
6
دوست جا زخم وفائي آهي، پر دشمن جون چميون گهڻيون آهن.
7
ڍاول کي ماکيءَ جي ماناري کان بہ نفرت ٿي اچي، پر بکايل جان کي سڀڪا ڪَڙي شيءِ بہ مٺي ٿي لڳي.
8
جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان نڪري رلڻ وڃي ٿو، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي جاءِ تان نڪري رُلڻ ٿو وڃي.
9
سرهو تيل ۽ عطر، دل کي خوش ڪن ٿا، انهي طرح دوست جي ڏنل دلي صلاح مٺي آهي.
10
پنهنجي دوست کي ۽ پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي نہ ڏي، ۽ پنهنجي مصيبت جي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي گهر ڏي نہ وڃ، ڇالاءِ جو انهيءَ ڀاءُ کان جو پري آهي ويجهو پاڙيسري بهتر آهي.
11
اي منهنجا پٽ ڏاهو ٿيءُ منهنجي دل خوش ڪر، تہ جيڪو مون کي طعنو ٿو هڻي تنهن کي جواب ڏيئي سگهان.
12
سياڻو ماڻهو خرابي ڏسي پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا لنگهيو اڳتي وڃن ۽ نقصان ٿا سهن.
13
جيڪو ڌارئي جو ضامن ٿو پوي تنهن جو ڪپڙو وٺ، ۽ جيڪو ڪنهن ڌاريءَ زال جو ضامن آهي تنهن کي پاڻ وٽ ڳهہ ۾ رک.
14
جيڪو صبح جو سوير اٿي وڏي آواز سان پنهنجي دوست کي دعا ٿو ڪري تنهنجي اُها دعا هن لاءِ پٽ شمار ۾ ايندي.
15
مينهن واري ڏينهن ساندهہ ڦڙن جو ڪرڻ، ۽ جهيڙاڪ زال ٻئي هڪجهڙا آهن.
16
جيڪو انهي زال کي روڪيندو سو واءُ کي روڪيندو، ۽ انهي جو ساڄو هٿ تيل کي جهلي ٿو.
17
لوهہ لوهہ کي تکو ٿو ڪري، ساڳي طرح ماڻهو پنهنجي دوست جي شڪل کي تکو ٿو ڪري.
18
جيڪو انجير جو وڻ ٿو سنڀالي سو انهي جو ميوو کائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي خدمت لاءِ تيار رهي ٿو سو مان پائيندو.
19
جيئن پاڻيءَ ۾ منهن منهن سان موافق ٿو ڏسجي، تيئن ماڻهوءَ جي دل ماڻهوءَ سان.
20
قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.
21
بوتو چانديءَ لاءِ آهي، ۽ کورو سون لاءِ، ۽ ماڻهو سندس تعريف سان پرکبو آهي.
22
جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.
23
تون پنهنجي مال جي گلن جي سنڀال ڪر، ۽ پنهنجن ڌڻن کي چڱي طرح ڏسندو رهہ.
24
ڇالاءِ جو دولت هميشہ لاءِ ناهي، ۽ ڇٽ سڀني پيڙهين تائين جٽاءُ ڪري ٿو ڇا؟
25
سڪل گاهہ کڄي ويندو آهي ۽ سائو گاهہ پاڻيهي پيدا ٿيندو آهي، ۽ جبل جي ساوڪ لڻي گڏ ڪبي آهي.
26
گهيٽا تنهنجي پوشاڪ لاءِ آهن، ۽ ٻڪريون تنهنجي ٻنيءَ جو ملهہ آهن:
27
۽ ٻڪرين جو کير تنهنجي ۽ تنهنجي گهر وارن جي کائڻ لاءِ، ۽ تنهنجين ٻانهين جي گذران لاءِ ڪافي ٿيندو.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31