bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 21
Proverbs 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
1
بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.
2
ماڻهوءَ جو سڀڪو رستو پنهنجي نظر ۾ چڱو آهي: پر خداوند دلين کي توري ٿو.
3
انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.
4
مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.
5
محنتيءَ جا خيال گهڻائيءَ جي پيدا جو سبب آهن: پر جيڪو تڪڙو آهي سو جلد ڪنگال ٿو ٿئي.
6
ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.
7
شريرن جي زبردستي انهن کي ٻهاري کڻي ويندي؛ ڇالاءِ جو اُهي انصاف ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن.
8
جنهن ماڻهو تي گناهہ جو بار پيل آهي تنهنجو رستو تمام ڏنگو آهي: پر جيڪو پاڪ آهي، تنهنجو ڪم سنئون سڌو آهي.
9
گهر جي ڇت تي ڪنڊ ۾ ويهڻ، ڪشادي گهر ۾ جهيڙي ڪندڙ زال سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي.
10
شرير جو روح بڇڙائي چاهيندو آهي: اُن جو پاڙيسري سندس نظر ۾ ڪوبہ مان نٿو لهي.
11
جڏهن ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملندي آهي، تڏهن ڀورڙو عقل سکندو آهي: ۽ جڏهن ڏاهي کي تعليم ملندي آهي، تڏهن ان کي علم حاصل ٿيندو آهي.
12
سچو ماڻهو شرير جي گهر تي ويچار ڪندو آهي، تہ ڪيئن شرير اونڌا ٿي ڪري چٽ ٿين ٿا.
13
جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.
14
ڳجهي پالهي سوکڙي ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿي، ۽ بغل ۾ انعام سخت ڪاوڙ ڍري ڪري ٿو.
15
عدالت ڪرڻ سچي جي لاءِ خوشي آهي، پر بي انصافي ڪندڙن لاءِ اهو هڪڙو موت آهي.
16
جيڪو ماڻهو سمجهہ جي رستي کان نڪري ٻاهر وڃي ٿو، سو مئلن جي جماعت ۾ وڃي رهندو.
17
جيڪو عيش عشرت سان محبت رکي ٿو سو ڪنگال ٿيندو: جيڪو شراب ۽ سڻڀ سان پيار ٿو رکي سو دولتمند نہ ٿيندو.
18
شرير ماڻهو سچي جو بدلو آهي؛ ۽ دغاباز ماڻهو ايماندار جي عيوض.
19
چيڙاڪ ۽ ڪُرڪڻي زال سان گڏ رهڻ کان ويران زمين ۾ رهڻ بهتر آهي.
20
ڏاهي جي گهر ۾ قيمتي خزانو ۽ تيل آهي؛ پر بي عقل ماڻهو اُهو ڳهي ڇڏي ٿو.
21
جيڪو سچائي ۽ رحم جي پٺيان هلي ٿو، سو حياتي، سچائي ۽ عزت لهي ٿو.
22
ڏاهو ماڻهو ڏاڍن جي شهر تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ انهن جي ويساهہ جو زور ڪيرائي وجهي ٿو.
23
جيڪو پنهنجي وات ۽ پنهنجي زبان جي سنڀال ڪري ٿو، سو پنهنجي جان تڪليفن کان بچائي ٿو.
24
مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.
25
سست ماڻهوءَ جي خواهش کيس ڪهي ٿي؛ ڇالاءِ جو اُن جا هٿ پورهئي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.
26
هڪڙو اهڙو بہ آهي جو سڄو ڏينهن هٻڇ ڪري لالچ رکي ٿو: پر سچو ڏئي ٿو ۽ رکي نٿو ڇڏي.
27
شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!
28
ڪوڙو شاهد ناس ٿيندو: پر جنهن ڳالهہ ٻڌي آهي سو ڳالهہ تي قائم رهندو.
29
شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.
30
ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.
31
گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31