bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 30
Proverbs 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
1
اجور بن ياقہ، ميسائيءَ جو ڪلام: اي خدا مون پاڻ کي ٿڪايو آهي، اي خدا مون پاڻ کي ٿڪايو آهي، ۽ آءٌ ڳري سڙي ويو آهيان.
2
يقيناً آءٌ ٻين ماڻهن کان زيادہ جهنگلي آهيان، ۽ انسان جهڙي سمجهہ ڪانہ اٿم.
3
آءٌ ڏاهپ نہ سکيو آهيان، ۽ نہ انهي پاڪ وجود کي سڃاڻان ٿو.
4
ڪير آسمان تي چڙهيو آهي ۽ لٿو اهي؟ ڪنهن پنهنجن مٺين ۾ واءُ گڏ ڪيو آهي؟ ڪنهن پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻين کي ٻڌو آهي؟ ڪنهن ڌرتيءَ جا سڀ ڪنارا قائم ڪيا آهن؟ جي خبر هجيئي تہ ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ ۽ انهي جي پٽ جو نالو ڇا آهي؟
5
خدا جو هر هڪ لفظ آزمايل آهي، جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي لاءِ هو ڍال آهي.
6
هن جي ڪلام ۾ تون ٻيو ڪي بہ ڪين گڏ، تہ متان هو توکي ملامت ڪري ۽ تون ڪوڙو معلوم ٿين.
7
مون تو کان ٻہ شيون گهريون آهن، منهنجي مرڻ کان اڳي انهن جي مون کي ڏيڻ کان انڪار نہ ڪر.
8
بيهودگي ۽ ڪوڙ مون کان پاسي ڪر، نہ مون کي ڪنگالپڻ ڏي نہ دولت، مون کي اهو کاڌو کاراءِ جو منهنجي لاءِ ضروري آهي.
9
تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.
10
ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس ڌڻي وٽ نہ ڪر، تہ متان هو توکي پٽي ۽ تون ڏوهاري ٿين.
11
ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي پيءُ کي پٽي ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ کي دعا نٿي ڪري.
12
ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.
13
ڪا پيڙهي آهي جنهن جون اکيون ڪيترو نہ مٿي آهن، ۽ انهي جا ڇپر مٿي کنيل آهن.
14
ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.
15
چور کي ٻہ ڌيئرون آهن جي پڪاري پيون چون تہ ڏي ڏي. ٽي شيون آهن جي ڍاپڻ جون ئي ناهن، بلڪ چار آهن جي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ هاڻ بس:
16
قبر؛ ۽ سنڍ زال جو پيٽ؛ زمين، جا پاڻي سان ڍاپي ئي نٿي؛ ۽ باهہ جا ڪڏهن بہ نٿي چوي تہ بس.
17
جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.
18
ٽي شيون آهن جي منهنجي لاءِ نهايت عجيب آهن، بلڪ چار آهن جن جي مون کي خبر ناهي.
19
عقاب جو رستو هوا ۾، نانگ جو رستو ٽڪر تي، جهاز جو رستو سمنڊ جي وچ ۾، ۽ ماڻهو رستو ڪنواري زال سان.
20
اهڙو ساڳيو زنا ڪندڙ زال جو رستو آهي، هوءَ کائي ٿي، ۽ پنهنجو وات اُگهي ٿي، ۽ چوي ٿي تہ مون ڪوبہ خراب ڪم نہ ڪيو آهي.
21
ٽن شين جي ڪري زمين ڏڪي ٿي ۽ چار شيون آهن جي هوءَ کڻي نٿي سگهي:
22
ٻانهي جي ڪري جڏهن اهو بادشاهہ ٿئي ٿو؛ بي عقل جي ڪري جڏهن انهي جو پيٽ ڀرجي ٿو؛
23
نفرت جهڙي زال جي ڪري جڏهن اُها پرڻجي ٿي؛ ۽ ٻانهيءَ جي ڪري جا پنهنجي ڌياڻيءَ جي وارث ٿئي ٿي.
24
چار شيون آهن جي زمين تي ننڍڙيون آهن، پر اُهي نهايت عقل واريون آهن:
25
ماڪوڙيون جي زور واري مخلوقات ناهن، تڏهن بہ اهي گرميءَ ۾ پنهنجو کاڌو موجود ڪري رکن ٿيون؛
26
جابلو سها ضعيف جانور آهن، مگر پنهنجا گهر ٽڪرين ۽ جوڙين ٿا؛
27
مڪڙن کي بادشاهہ ڪونهي، تہ بہ هو سڀ ٽوليون ٽوليون ٿي ٻاهر نڪرن ٿا.
28
ڪِرڙي، جا تون پنهنجن هٿن سان پڪڙين ٿو، تڏهن بہ اها بادشاهن جي محلاتن ۾ آهي.
29
ٽي شيون آهن جي هلڻ ۾ شاندار آهن، بلڪ چار آهن جن جو هلڻ شاندار آهي.
30
شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:
31
تازي ڪتو ۽ ٻڪر، ۽ بادشاهہ جنهن جي برخلاف ڪو بہ فساد برپا نٿو ٿئي.
32
جيڪڏهن تو پاڻ کي مٿي کڻڻ ۾ بي عقلي جهڙو ڪم ڪيو آهي، يا ڪنهن خرابيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رک.
33
ڇالاءِ جو کير جي ولوڙڻ مان مکڻ نڪري ٿو، ۽ نڪ مروٽڻ سان رت نڪري ٿو. انهي طرح زور ڪري ڪاوڙ ڪرڻ مان جهيڙو پيدا ٿئي ٿو.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31