bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 12
Proverbs 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
1
جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي.
2
چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.
3
ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.
4
نيڪ زال پنهنجي مڙس جو ڇٽ آهي: پر جيڪا شرمندگي ٿي آڻي سا اُن جي هڏن ۾ ساڙ وانگر آهي.
5
سچن جا خيال انصاف جهڙا آهن: پر شريرن جون مصلحتون ٺڳي آهن.
6
شريرن جون ڳالهيون خون ڪرڻ جي لاءِ لڪي ويهڻ جهڙيون آهن: پر سچن جو وات انهن کي ڇڏائي ٿو.
7
شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو.
8
ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.
9
اُهو ماڻهو جو گهٽ قدر وارو آهي ۽ جنهن کي ڪو نوڪر آهي سو انهيءَ کان بهتر آهي، جو پاڻ کي عزت ٿو ڏئي پر ماني ڪانہ اٿس.
10
سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن.
11
جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي.
12
شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي.
13
چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.
14
ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو.
15
بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو.
16
بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو.
17
جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو.
18
ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.
19
سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي.
20
جيڪي خرابيءَ جون رٿون ڪن ٿا تن جي دل ۾ ٺڳي آهي: پر صلح جي مصلحت ڪرڻ وارن لاءِ خوشي آهي.
21
سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.
22
ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي.
23
سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.
24
محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو.
25
دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي.
26
سچو پنهنجي پاڙيسريءَ جو رهنما آهي: پر شريرن جو رستو انهن کي گمراهہ ڪري ٿو.
27
سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي.
28
سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31