bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 19
Proverbs 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
1
اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي.
2
روح علم ڌاران رهي، سو بہ چڱو ناهي؛ ۽ جيڪو پنهنجن پيرن سان تڪڙ ڪري ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو.
3
ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي.
4
دولت گهڻا دوست پيدا ڪري ٿي: پر غريب ماڻهو پنهنجي دوست کان ڌار ٿئي ٿو.
5
ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اُهو بچي نہ ويندو.
6
سخي ماڻهوءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي خوشامد ڪندا: ۽ جيڪو بخششون ٿو ڏئي تنهن جو سڀ ڪو ماڻهو دوست ٿو ٿئي.
7
غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا.
8
جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.
9
ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو.
10
نازڪئي وارو گذران بي عقل جو لائق ناهي؛ ڪنهن نوڪر جو شهزادن جي مٿان حڪم هلائڻ انهيءَ کان بہ گهٽ لائق آهي.
11
ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.
12
بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.
13
بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي آفت آهي: ۽ زال جا جهيڙا جهڳڙا هميشہ ٽمندڙ پاڻيءَ وانگر آهن.
14
گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي.
15
سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.
16
جيڪو حڪم جي سنڀال ٿو ڪري سو پنهنجي جان جي سنڀال ٿو ڪري: پر جيڪو پنهنجن رستن کان بي پرواهہ ٿو رهي اهو مرندو.
17
جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.
18
جڏهن اُميد آهي تڏهن پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي؛ پنهنجي دل هن جي برباد ٿيڻ لاءِ نہ ڇڏ.
19
گهڻي ڪاوڙ وارو ماڻهو نيٺ سزا کائيندو: ڇالاءِ جو جي تون هن کي ڇڏائيندين تہ توکي وري وري ائين ڪرڻو پوندو.
20
صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.
21
ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.
22
ماڻهوءَ جي خواهش سندس مهربانيءَ جو ماڻ آهي: ۽ غريب ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندڙ کان بهتر آهي.
23
خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي.
24
سست ماڻهو پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر ايترو بہ نہ ڪندو جو هو وري وات تائين آڻي.
25
ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو.
26
جيڪو پنهنجي پيءُ کي هلاڪ ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ماءُ کي پٺيان پئي ڀڄائي ٿو، سو اهڙو پٽ آهي جو شرمندگي پيدا ٿو ڪري ۽ خواري آڻي ٿو.
27
اي منهنجا پٽ، اهڙي تعليم سکڻ کان بس ڪر، جا علم جي ڳالهين کان توکي ڀلائي ٿي.
28
نڪمو شاهد عدالت تي ٺٺوليون ڪري ٿو: ۽ شرير جو وات گناهہ ڳهي وڃي ٿو.
29
سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31