bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 13
Proverbs 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
1
ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي.
2
ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي.
3
جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو.
4
سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.
5
سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو.
6
سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي.
7
ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي دولتمند ڪري ٿو، تہ بہ وٽس ڪي ڪين آهي: ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي غريب ڪري ٿو، تہ بہ وٽس گهڻي دولت آهي.
8
دولتمند جي حياتيءَ جو عيوضو سندس دولت آهي: پر غريب ڪوبہ دڙڪو ڪونہ ٿو ٻڌي.
9
سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو.
10
مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.
11
اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.
12
ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.
13
جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.
14
ڏاهن جي تعليم حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري موت جي ڦانڌن مان ڇُٽجي ٿو.
15
چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.
16
سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو.
17
شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.
18
جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو.
19
حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي.
20
ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو.
21
بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.
22
چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.
23
غريبن جي ٻنيءَ ۾ گهڻو اَنُ آهي: پر اهڙا بہ ڪي آهن جي بي انصافيءَ جي ڪري ناس ٿا ٿين.
24
جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو.
25
سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31