bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Proverbs 15
Proverbs 15
Sindhi Bible
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 16 →
1
نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.
2
ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.
3
خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.
4
نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.
5
بي عقل ماڻهو پنهنجي پيءُ جي سيکت کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو تنهن کي سياڻپ حاصل ٿي ٿئي.
6
سچي جي گهر ۾ گهڻو خزانو آهي: پر شرير جي پيدائش ۾ خرابي آهي.
7
ڏاهي جا چپ علم پکيڙين ٿا: پر بي عقل جي دل ائين نٿي ڪري.
8
شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.
9
شرير جو رستو خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي: پر هو انهيءَ سان محبت رکي ٿو جو سچائيءَ تي هلي ٿو.
10
جيڪو رستو ڇڏي ڏئي ٿو تنهن جي لاءِ تڪليف جهڙي سيکت آهي: ۽ جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو مرندو.
11
قبر ۽ ويراني خداوند جي اڳيان آهي: تڏهن انسانن جون دليون ڪيترو نہ وڌيڪ هونديون!
12
ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.
13
دل جي خوشي شڪل کي خوش ڪري ٿي: پر دل جي ڏک کان روح شڪستو ٿي پوي ٿو.
14
سمجهہ واري ماڻهوءَ جي دل علم جي طلب ۾ رهي ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ تي گذران ڪري ٿو.
15
ڏکويل ماڻهوءَ جا سڀ ڏينهن خراب آهن: پر خوش مزاج لاءِ هميشہ عيد آهي.
16
خداوند جي ڊپ سان ٿورو بہ بهتر آهي: انهيءَ گهڻي خزاني کان جنهن سان گڏ تڪليف هجي.
17
جتي محبت آهي اتي ڀاڄين جو کاڌو بہ بهتر آهي: انهيءَ ٻوڙ پلاهہ کان جنهن سان نفرت شامل هجي.
18
ڪاوڙيل ماڻهو تڪرار اُٿاري ٿو: پر جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو جهيڙي کي اُجهايو ڇڏي.
19
سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.
20
ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل ماڻهو پنهنجي ماءُ کي ڌڪاري ٿو.
21
جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.
22
جتي ڪا صلاح مصلحت ڪانهي، اتي سڀ ارادا پريشان ٿيو وڃن: پر صلاح ڏيندڙن جي گهڻائيءَ ڪري اُهي قائم ٿا رهن.
23
ماڻهوءَ کي پنهنجي وات جي جواب سان خوشي ٿي رسي: ۽ پوري وقت تي ڪيل ڳالهہ ڪهڙي نہ چڱي ٿي لڳي!
24
ڏاهي جي لاءِ حياتيءَ جو رستو مٿي چڙهندو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ هو پاتال کان پري وڃي ٿو.
25
خداوند مغرورن جو گهر پٽي ڪڍندو: پر هو بيوہ زال جي حد قائم رکندو.
26
خراب تجويزن کان خداوند کي ڪراهت اچي ٿي: پر وڻندڙ لفظ پاڪ آهن.
27
جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.
28
سچي جي دل جواب ڏيڻ لاءِ ويچار ڪري ٿي: پر شرير جو وات خراب ڳالهيون وهايو ڇڏي.
29
خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.
30
اکين جي روشنائي دل کي خوش ڪري ٿي: ۽ خوشخبري هڏن کي ٿلهو ٿي ڪري.
31
جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.
32
جيڪو عتاب قبول نٿو ڪري سو خود پنهنجي روح کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو فهمائش ڌيان ڏيئي ٻڌي ٿو تنهن کي سمجهہ حاصل ٿئي ٿي.
33
خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31