bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 1
Genesis 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 2 →
1
خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.
2
۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو.
3
۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.
4
۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو.
5
۽ خدا سوجهري کي ڏينهن سڏيو ۽ اوندهہ کي رات سڏيائين. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پهريون ڏينهن ٿيو.
6
۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.
7
سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.
8
۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.
9
۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.
10
۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
11
۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.
12
تڏهن زمين تي گاهہ، ۽ ٻوٽا جن ۾ سندن جنس موجب ٻج آهي ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجيءَ جنس موجب ٻج وارا آهن، سي زمين مان اُڀريا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
13
سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٽيون ڏينهن ٿيو.
14
۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:
15
۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو.
16
سو خدا ٻہ وڏيون روشنيون جوڙيون: هڪڙي اڪبر، جا ڏينهن تي حڪومت هلائي، ٻي اصغر، جا رات تي حڪومت هلائي: ۽ تارا بہ جوڙيائين.
17
۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن،
18
۽ ڏينهن تي ۽ رات تي حڪومت هلائين، ۽ سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪن: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
19
سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ چوٿون ڏينهن ٿيو.
20
۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.
21
۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
22
۽ خدا اُنهن کي برڪت ڏيئي، چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ سمنڊ جي پاڻين کي ڀرپور ڪريو، ۽ پکي زمين تي وڌن ويجهن.
23
سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پنجون ڏينهن ٿيو.
24
۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو.
25
سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.
26
پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.
27
۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين.
28
۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.
29
۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن:
30
۽ زمين جي سڀني جانورن، هوا جي سڀني پکين، ۽ سڀني سرندڙ جيتن، ۽ جن ۾ ساهہ آهي تن کي زمين جا ساوا ٻوٽا کائڻ لاءِ ٿو ڏيان: ۽ ائين ئي ٿيو.
31
۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50