bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 39
Genesis 39
Sindhi Bible
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 40 →
1
هاڻي اهي اسماعيلي يوسف کي مصر ۾ وٺي آيا ۽ فوطيفار، جو فرعون جو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان ۽ هڪڙو مصري هو، تنهن کيس انهن کان خريد ڪيو.
2
۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.
3
۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي.
4
تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي.
5
۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.
6
۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.
7
۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو هن جي مالڪ جي زال يوسف ۾ اکيون وڌيون، ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ.
8
پر هن نہ مڃيو، ۽ پنهنجي مالڪ جي زال کي چيائين تہ ڏس، منهنجي مالڪ کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ گهر ۾ ڇا آهي؛ ۽ جيڪي سندس آهي، سو سڀ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس.
9
هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟
10
۽ هيئن ٿيو جو هوءَ روز روز يوسف کي پيئي چوندي هئي، پر هن ساڻس گڏ سمهڻ، يا وٽس رهڻ قبول نہ ڪيو.
11
هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو جو هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ گهر ۾ ويو، ۽ اتي گهر جي ماڻهن مان ڪوبہ اندر ڪونہ هو.
12
تڏهن هن سندس ڪپڙي کان کڻي جهليس ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ: پر هو پنهنجو ڪپڙو هن جي هٿن ۾ ئي ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ ٻاهر نڪري ويو.
13
هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ هو پنهنجو ڪپڙو منهنجن هٿن ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي،
14
تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي سڏي چيائين تہ ڏسو، هو هڪڙي عبرانيءَ کي اسان جي بي عزتي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وٺي آيو آهي؛ هو مون سان گڏ سمهڻ جي ارادي سان اندر گهڙي آيو هو، پر مون وٺي رڙيون ڪيون:
15
۽ هن ڏٺو تہ آءٌ ڏاڍيون رڙيون پيئي ڪريان، تڏهن پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ڀڄي ٻاهر نڪري ويو.
16
پوءِ جيسين هن جو مالڪ گهر ۾ آيو، تيسين سندس ڪپڙو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.
17
۽ پوءِ اها ساري ڳالهہ هن کي ڪري ٻڌايائين، تہ جيڪو عبراني غلام تو اسان جي لاءِ خريد ڪيو آهي، سو بي عزتي ڪرڻ لاءِ مون وٽ اندر آيو هو.
18
۽ جڏهن مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون، تڏهن هو پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ٻاهر ڀڄي ويو.
19
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي ڳالهہ ٻڌي، جنهن چيس تہ تنهنجي غلام مون سان هيئن ڪيو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس.
20
سو يوسف جي مالڪ هن کي جهلي کڻي انهيءَ قيد خاني ۾ وڌو، جتي بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند رهندا هئا: ۽ هو انهيءَ قيد خاني ۾ رهڻ لڳو.
21
پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين.
22
۽ قيد خاني جي داروغي، اهي سڀيئي قيدي، جيڪي وٽس قيد خاني ۾ هئا، سي يوسف جي حوالي ڪيا، ۽ جيڪو ڪم هو اتي ڪندا هئا، تنهن تي کيس اختيار هو.
23
۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 40 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50