bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 14
Genesis 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 15 →
1
پوءِ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ، ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو،
2
جو انهن سدوم جي بادشاهہ برع، ۽ عمورہ جي بادشاهہ برشع، ۽ ادمہ جي بادشاهہ سني اب، ۽ ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر، ۽ بالع، يعني ضغر جي بادشاهہ، سان جنگ ڪئي.
3
اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا.
4
ٻارهن ورهيہ هنن ڪدرلاعمر جي تابعداري ڪئي ۽ تيرهين ورهيہ ۾ فساد ڪيائون.
5
۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،
6
۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي.
7
پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون.
8
۽ سدوم جو بادشاهہ، ۽ عمورہ جو بادشاهہ، ۽ ادمہ جو بادشاهہ، ۽ ضبوئيم جو بادشاهہ، ۽ بالع، يعني ضغر جو بادشاهہ، سي هن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا.
9
۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال، ۽ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ سان، سديم جي ماٿريءَ ۾ جنگ ڪيائون. هي چار بادشاهہ هنن پنجن سان وڙهيا.
10
هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.
11
پوءِ اهي سدوم ۽ عمورہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي جون سڀ شيون کڻي ويا.
12
۽ ابرام جو ڀائٽيو لوط جو سدوم ۾ رهندو هو، تنهن کي ۽ سندس سڀ مال متاع کي بہ هو کڻي ويندا رهيا.
13
تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.
14
سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو.
15
۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا.
16
پوءِ هو سڀ مال متاع، ۽ پنهنجو ڀاءُ لوط ۽ سندس مال متاع، زالن ۽ ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.
17
۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.
18
۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.
19
انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.
20
سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.
21
پوءِ سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ماڻهو مون کي ڏي، پر مال سڀ ئي تون پاڻ رک.
22
پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي،
23
تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو:
24
جوانن جيڪي کاڌو ۽ جيڪي مون سان گڏ ويا هئا، تن جي حصي کان سواءِ آءٌ ڪي بہ ڪين وٺندس؛ يعني عانير، اسڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50