bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 22
Genesis 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 23 →
1
انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
2
تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.
3
تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.
4
ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو.
5
تڏهن ابرهام پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو، آءٌ ۽ ڇوڪر اڳتي ٿا وڃون؛ ۽ اسين عبادت ڪري اوهان وٽ موٽي اينداسين.
6
ابرهام قربانيءَ جون ڪاٺيون کڻي پنهنجي پٽ اسحاق تي رکيون، ۽ باهہ، ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين، ۽ ٻئي گڏجي اٿي هليا.
7
تڏهن اسحاق پنهنجي پيءُ ابرهام کي چيو تہ اي بابا! هن چيو تہ اِجهو منهنجا پٽ. ۽ هن چيو تہ ڏس باهہ ۽ ڪاٺيون تہ آهن، پر سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو ڪٿي آهي؟
8
تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.
9
جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.
10
پوءِ ابرهام پنهنجو هٿ ڊگهيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي.
11
تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
12
۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.
13
پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين.
14
۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو.
15
پوءِ خداوند جي فرشتي ٻيو ڀيرو آسمان مان ابرهام کي سڏي چيو تہ،
16
انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ
17
آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.
18
تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.
19
پوءِ ابرهام موٽي پنهنجن نوڪرن وٽ آيو، ۽ اهي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا؛ ۽ ابرهام بيرسبع ۾ رهڻ لڳو.
20
انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ابرهام کي خبر ملي تہ ملڪاہ کي بہ سندس ڀاءُ نحور مان ٻار پيدا ٿيا آهن.
21
عوض هن جو پهريتو پٽ آهي، ۽ سندس ڀائر بوز ۽ قموئيل، جو آرام جو پيءُ آهي؛
22
انهن کان سواءِ ڪسد، حضو، فلداس، ادلاف ۽ بيتوايل.
23
۽ بيتوايل مان ربقہ پيدا ٿي: اهي اٺ ٻار ملڪاہ کي ابرهام جي ڀاءُ نحور مان پيدا ٿيا.
24
۽ سندس سريت جنهن جو نالو رومہ هو، تنهن کي بہ منجهانئس طبحہ، جاحم، تخس ۽ معڪہ پيدا ٿيا.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50