bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 3
Genesis 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 4 →
1
هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟
2
تڏهن زال نانگ کي چيو تہ باغ جي وڻن جو ميوو تہ اسين کائون ٿا.
3
پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو.
4
تڏهن نانگ زال کي چيو تہ پڪ اوهين ڪين مرندا:
5
بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.
6
جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.
7
تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.
8
۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا.
9
تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟
10
هن چيو تہ مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو ۽ ڊڄي ويس، ڇو تہ آءٌ اُگهاڙو هوس؛ تنهنڪري پاڻ کي لڪايم.
11
هن چيس تہ توکي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اُگهاڙو آهين؟ تو انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ڇا، جنهن جي کائڻ کان مون توکي منع ڪئي هئي؟
12
تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.
13
تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.
14
تڏهن خداوند خدا نانگ کي چيو تہ جيئن تہ تو هي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري تون سڀني ڍورن ۽ جهنگلي جانورن ۾ لعنتي آهين؛ تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين:
15
۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.
16
پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.
17
۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛
18
انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا ۽ تون ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين؛
19
تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.
20
۽ آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇالاءِ جو هوءَ سڀني ساهوارن جي ماءُ هئي.
21
۽ خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ چم جا ڪپڙا ٺاهي کين پهرايا.
22
۽ خداوند خدا چيو تہ ڏسو انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جهڙو ٿي پيو آهي؛ هاڻي ائين نہ ٿئي جو پنهنجو هٿ ڊگهيري زندگيءَ جي وڻ مان بہ ڪجهہ ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.
23
تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.
24
سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50