bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 21
Genesis 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 22 →
1
هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.
2
۽ سارہ پيٽ سان ٿي ۽ ابرهام جي لاءِ، هن جي ٻڍاپي ۾، جيئن خدا چيو هوس، ٺهرايل وقت تي پٽ ڄائس.
3
۽ ابرهام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جيڪو سندس لاءِ سارہ جي پيٽان ڄائو هو، اسحاق رکيو.
4
۽ جيئن خدا ابرهام کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن سندس پٽ اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو، تڏهن هن جو ختنو ڪيائين.
5
جڏهن ابرهام جو پٽ اسحاق ڄائو، تڏهن ابرهام جي عمر هڪ سؤ ورهيہ هئي.
6
۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.
7
۽ چوڻ لڳي تہ ڪير ابرهام کي چوي ها، تہ سارہ ٻارن کي چڳڙ ڌارائيندي؟ ڇالاءِ جو هن جي ٻڍاپي ۾ مون کي سندس لاءِ پٽ ڄائو آهي.
8
پوءِ اهو ٻار وڏو ٿيو، ۽ ٿڃ ڇڏايائونس: ۽ جنهن ڏينهن اسحاق جي ٿڃ ڇڏايائون، تنهن ڏينهن ابرهام هڪڙي وڏي مجلس ڪئي.
9
۽ سارہ ڏٺو تہ مصر واريءَ هاجرہ کي جيڪو ابرهام مان پٽ ڄائو هو، سو چرچا پيو ڪري.
10
تنهن تي ابرهام کي چيائين تہ هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو هن ٻانهيءَ جو پٽ منهنجي پٽ اسحاق سان گڏ ورثي جو مالڪ نہ ٿيندو.
11
پر ابرهام جي نظر ۾ پنهنجي پٽ جي بابت هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي لڳي.
12
تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.
13
هن ٻانهيءَ جي پيٽ مان بہ آءٌ هڪڙي قوم پيدا ڪندس: ڇالاءِ جو هو بہ تنهنجي نسل مان آهي.
14
سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.
15
جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو، تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو.
16
۽ پاڻ هن جي سامهون تير جي ڌڪ جيترو پري وڃي ويهي رهي؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ ٻار کي مرندو نہ ڏسان. سو انهيءَ جي سامهون ويهي زاروزار روئڻ لڳي.
17
۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي.
18
اُٿ، ڇوڪر کي کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.
19
۽ خدا هن جون اکيون کوليون ۽ هن پاڻيءَ جو هڪڙو کوهہ ڏٺو، ۽ وڃي پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آڻي ڇوڪر کي پياريائين.
20
خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو، ۽ هو وڌي وڏو ٿيو، ۽ بيابان ۾ رهي وڏو تير انداز ٿيو.
21
۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.
22
انهيءَ وقت هيئن ٿيو جو ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، ابرهام کي چيو تہ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.
23
سو هاڻي، هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون، توڙي منهنجي پٽ ۽ پوٽي سان دغا نہ ڪندين: ۽ جهڙي مهرباني مون تو سان ڪئي آهي، تهڙي مون سان، ۽ جنهن ملڪ ۾ تون رهيو پيو آهين، تنهن سان ڪندو رهندين.
24
تڏهن ابرهام چيو تہ آءٌ قسم کڻندس.
25
۽ ابرهام ابي ملڪ کي هڪڙي پاڻيءَ جي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو، جو هن جي نوڪرن زبردستيءَ سان کسي ورتو هو.
26
پر ابي ملڪ چيو تہ مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي، تو بہ مون کي ڪونہ ٻڌايو، ۽ نڪي اڄ ڏينهن تائين مون انهيءَ بابت ڪٿان ٻڌو.
27
پوءِ ابرهام رڍون ۽ ڏاند آڻي ابي ملڪ کي ڏنا، ۽ ٻنهي پاڻ ۾ عهد ڪيو.
28
۽ ابرهام ست گهيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون.
29
تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ هي ست گهيٽيون جي تو ڌار ڪيون آهن، تنهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟
30
تڏهن هن چيو تہ هي ست گهيٽيون تون مون کان وٺ، تہ اهي انهيءَ ڳالهہ لاءِ منهنجون شاهد ٿين، تہ هيءُ کوهہ مون کوٽيو آهي.
31
تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيرسبع رکيو؛ ڇالاءِ جو هنن ٻنهي اُتي قسم کنيو.
32
سو هنن بيرسبع وٽ پاڻ ۾ عهد ڪيو. پوءِ ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، موٽي فلستين جي ملڪ ۾ آيا.
33
۽ ابرهام بيرسبع ۾ هڪڙو لئيءَ جو وڻ لڳايو، ۽ اتي خداوند، ابدي خدا کان دعا گهريائين.
34
۽ ابرهام گهڻن ڏينهن تائين فلستين جي ملڪ ۾ رهيو.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50