bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 48
Genesis 48
Sindhi Bible
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 49 →
1
انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ڪنهن ماڻهوءَ يوسف کي چيو تہ ڏس، تنهنجو پيءُ بيمار آهي: تڏهن هو پنهنجا ٻئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي روانو ٿيو.
2
۽ ڪنهن ماڻهوءَ يعقوب کي خبر ڏني تہ ڏس، تنهنجو پٽ يوسف تو وٽ ٿو اچي: تڏهن اسرائيل همت جهلي هنڌ تي اُٿي ويٺو:
3
۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني،
4
۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس.
5
هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا.
6
۽ هنن کان پوءِ ٻيو جيڪو اولاد توکي ٿيندو، سو تنهنجو ئي ٿيندو؛ ۽ اهي پنهنجيءَ ميراث ۾ سندن ڀائرن جي نالن سان گڏيا ويندا.
7
باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو.
8
پوءِ اسرائيل يوسف جي پٽن کي ڏسي چيو تہ هي ڪير آهن؟
9
۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ هي منهنجا پٽ آهن، جي خدا مون کي هتي ڏنا آهن. تڏهن هن چيو تہ انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين برڪت ڏيان.
10
هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين.
11
پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.
12
تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن مان پري ڪيو، ۽ پاڻ زمين تي ڪنڌ جهڪايائين.
13
پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي اسرائيل جي کٻي هٿ ڏانهن آندو، ۽ منسيءَ کي پنهنجي کٻي هٿ سان وٺي اسرائيل جي ساڄي هٿ ڏانهن آندائين، انهيءَ طرح ٻنهي کي هن جي ويجهو وٺي آيو.
14
۽ اسرائيل پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، جو ننڍو هو، ۽ پنهنجو کٻو هٿ منسيءَ جي مٿي تي رکيائين؛ هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجا هٿ ائين ڪيا، جيتوڻيڪ منسي وڏو هو.
15
۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي.
16
۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.
17
جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن ناراض ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو هٿ جهليائين تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي.
18
۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا ائين ٿيڻ نہ گهرجي: پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک، ڇالاءِ جو هو وڏو آهي.
19
پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.
20
سو هن انهيءَ ڏينهن کين برڪت ڏني، ۽ چيائين تہ تنهنجي نالي اسرائيلي هيئن چئي برڪت ڏيندا، تہ شل خدا توکي افرائيم جهڙو ۽ منسيءَ جهڙو ڪري:
21
پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ ڏس هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا اوهان سان هوندو، ۽ اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ وٺي ويندو.
22
ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 49 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50