bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 34
Genesis 34
Sindhi Bible
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 35 →
1
هاڻي لياہ جي ڌيءَ ديناہ، جا يعقوب مان ڄائي هيس، سا انهيءَ ملڪ جي ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ نڪتي.
2
۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.
3
۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.
4
پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ مون کي هيءَ ڇوڪري وٺي ڏي، تہ ساڻس شادي ڪريان.
5
۽ يعقوب ٻڌو تہ هن منهنجيءَ ڌيءَ ديناہ جي آبرو ورتي آهي، پر سندس پٽن جهنگ ۾ ڍور پئي چاريا، سو يعقوب انهن جي اچڻ تائين ماٺ ڪري ويٺو.
6
۽ سڪم جو پيءُ حمور يعقوب سان گفتگو ڪرڻ لاءِ وٽس آيو.
7
۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.
8
پوءِ حمور هنن سان ڳالهہ ٻولهہ هلائي ۽ چيائين تہ منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو،
9
تہ اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون: اوهين پنهنجيون ڌيون اسان کي ڏيو، ۽ اسان جون ڌيون اوهين وٺو.
10
اوهين اسان سان گڏ رهو، هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان پيو آهي؛ ڀلي منجهس رهو ۽ واپار ڪريو ۽ منجهس مال ملڪيت حاصل ڪريو.
11
۽ سڪم بہ ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ ڀائرن کي چيو تہ مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪريو، ۽ جيڪي اوهين چوندا، سو آءٌ ڏيندس.
12
ڪيترو بہ ڏاج سوغات اوهين گهرندا، سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.
13
تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي ٺڳيءَ وارو جواب ڏنو؛ ڇالاءِ جو هن سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو ورتي هئي.
14
سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو:
15
پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ قبول ڪنداسين: تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي؛
16
پوءِ اسين اوهان کي پنهنجون ڌيون ڏينداسين، ۽ اوهان جون ڌيون وٺنداسين، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ رهنداسين. ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي قوم ٿي پونداسين.
17
پر جي اوهين اسان جي ڳالهہ مڃي ختنو نہ ڪرائيندا تہ پوءِ اسين پنهنجي ڌيءَ وٺي هليا وينداسين.
18
هنن جي اها ڳالهہ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي وڻي.
19
سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو هن جي يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.
20
پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي منڊيءَ ۾ آيا، ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گفتگو ڪري چوڻ لڳا تہ
21
هي ماڻهو تہ اسان سان صلح سان رهڻ ٿا چاهين، تنهنڪري ڀلي تہ هن ملڪ ۾ رهن، ۽ وڻج واپار ڪن؛ ڇالاءِ جو ڏسو تہ ملڪ هنن جي لاءِ گهڻو ئي پيو آهي؛ اچو تہ هنن جون ڌيون اسين وٺون، ۽ پنهنجون ڌيون هنن کي ڏيون.
22
رڳو هن شرط تي هي ماڻهو اسان سان گڏ رهڻ، ۽ هڪڙي اُمت ٿيڻ قبول ڪندا تہ اسان مان سڀ ڪو مرد ختنو ڪرائي، جيئن هنن جو بہ ختنو ٿيل آهي.
23
پوءِ هنن جا ڍور، ۽ مال متاع، ۽ جانور، سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ رڳو اسين سندن ڳالهہ مڃينداسين تہ پوءِ هو اسان سان گڏجي رهندا.
24
سو جيڪي ماڻهو سندن شهر جي منڊيءَ مان لنگهيا ٿي، تن حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي، ۽ هر ڪنهن مرد پنهنجو ختنو ڪرايو.
25
۽ ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن کي سور ٿيو، تڏهن يعقوب جي پٽن مان ٻہ ڄڻا، شمعون ۽ لاوي، ديناہ جا ڀائر، پنهنجون تراريون کڻي اوچتو شهر جي مٿان ڪاهي آيا، ۽ سڀني مردن کي ماري وڌائون.
26
۽ حمور، ۽ سندس پٽ سڪم کي بہ ترار جي ڌار سان قتل ڪيائون: ۽ سڪم جي گهر مان ديناہ کي وٺي هليا ويا.
27
يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.
28
هو انهن جا ڍور، ڌڻ، گڏهہ ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾ هو، سو سڀ ڦري کڻي ويا.
29
۽ هنن جي سڀ دولت ڦري ۽ سندن ٻار ٻچا، ۽ زالون جهلي وٺي ويا؛ ۽ ٻيو بہ جيڪي گهر ۾ هو، سو ڦري لٽي کڻي ويا.
30
تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.
31
تنهن تي هنن چيو تہ اهو هن کي لائق هو ڇا، جو اسان جيءَ ڀيڻ سان ڪسبياڻيءَ جهڙي هلت ڪري؟
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50