bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 38
Genesis 38
Sindhi Bible
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 39 →
1
۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان ڌار ٿي، حيرہ نالي هڪڙي ادولام جي رهندڙ زال وٽ ويو.
2
اُتي هن هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي، جنهن جو نالو سوع هو. ۽ هن انهيءَ سان شادي ڪئي، ۽ ساڻس ستو.
3
۽ هوءَ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ جنهن جو نالو عير رکيائين.
4
۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ انهي جو نالو اونان رکيائين.
5
۽ هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيلہ رکيائين. جڏهن هو ڄائو، تڏهن يهوداہ ڪزيب ۾ رهندو هو.
6
۽ يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير جي شادي ڪرائي ۽ انهيءَ زال جو نالو تمر هو.
7
هاڻي، يهوداہ جو وڏو پٽ عير خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، تنهنڪري خداوند هن کي ماري وڌو.
8
تڏهن يهوداہ اونان کي چيو تہ تون پنهنجي ڀاءُ جي زال وٽ وڃ، ۽ ڏير جو فرض ادا ڪري، پنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري ڪر.
9
اُونان کي خبر هئي تہ اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو؛ سو هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو، تڏهن مني زمين تي هاري ڇڏيندو هو، تہ متان هن مان سندس ڀاءُ جي لاءِ اولاد پيدا ٿئي.
10
پر هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ خراب هو، سو هن انهيءَ کي بہ ماري وڌو.
11
پوءِ يهوداہ پنهنجيءَ ننهن تمر کي چيو تہ جيسين منهنجو پٽ سيلہ وڏو ٿئي، تيسين پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ بيوہ ٿي گذار؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ متان هو بہ پنهنجن ڀائرن وانگي مري وڃي. تڏهن تمر وڃي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳي.
12
۽ ڪيتري وقت کان پوءِ سوع جي ڌيءَ، يهوداہ جي زال مري ويئي؛ ۽ جڏهن يهوداہ جو غم لٿو، تڏهن هو پنهنجي ادولامي دوست حيراہ سان گڏجي، تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ وارن وٽ ويو.
13
۽ ماڻهن تمر کي ٻڌايو تہ ڏس تنهنجو سهرو تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي.
14
تڏهن هن پنهنجي عذر جا ڪپڙا لاهي، برقعو ڍڪيو، ۽ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم جي دروازي وٽ اچي ويٺي، جو تمنت جي رستي تي هو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ سيلہ وڏو ٿيو آهي، ۽ اڃا سندس شادي هن سان نہ ڪرائي اٿن.
15
پوءِ جڏهن يهوداہ هن کي ڏٺو، تڏهن سمجهيائين تہ هيءَ ڪا ڪسبياڻي آهي؛ ڇو تہ هن جو منهن ڍڪيل هو.
16
۽ هو واٽ تان ڦري، هن ڏانهن ويو ۽ چيائينس تہ مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو هن کي اها خبر ڪانہ هئي، تہ هيءَ سندس ننهن آهي. تڏهن هن چيو تہ مون وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندين؟
17
هن چيو تہ آءٌ تولاءِ ڌڻ مان هڪڙو ڇيلو موڪليندس. تنهن تي هن چيس تہ جيسين اهو موڪلين، تيسين ڪا سوٿي ڏيئي وڃ؟
18
هن چيو تہ ڪهڙي سوٿي ڏيانءِ؟ هن چيو تہ پنهنجي منڊي، ڏوري ۽ لٺ جا هٿ ۾ اٿئي. تنهن تي هن اهي شيون کيس ڏنيون، پوءِ هو وٽس ويو، ۽ هوءَ منجهانئس حاملہ ٿي.
19
پوءِ هوءَ اتان اٿي هلي ويئي ۽ برقعو لاهي پنهنجا عذر جا ڪپڙا پاتائين.
20
۽ يهوداہ پنهنجي ادولامي دوست جي هٿان ڇيلو موڪليو، تہ انهيءَ زال وٽان سندس سوٿي موٽائي وٺي اچي: پر هوءَ لڌس ئي ڪانہ.
21
تڏهن انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کان پڇا ڪيائين تہ جيڪا ڪسبياڻي رستي جي ڀرسان عينيم وٽ ويٺي هئي، سا ڪٿي آهي؟ هنن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ هئي.
22
تڏهن هو موٽي يهوداہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مون کان تہ هوءَ ڪانہ لڌي، بلڪ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ آهي.
23
تڏهن يهوداہ چيو تہ ڀلي تہ هوءَ پاڻ وٽ اهي شيون رکي، متان اسين بدنام ٿيون: ڏس، مون تہ ڇيلو موڪليو، پر توکان هوءَ ڪانہ لڌي.
24
۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.
25
پر جڏهن هن کي وٺي آيا، تڏهن هن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليو، تہ جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن، تنهن مان آءٌ حاملہ ٿي آهيان: ۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جون آهن.
26
۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.
27
۽ هيئن ٿيو جو ويم جي سورن مهل ڏٺائون تہ هن جي پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن.
28
۽ ويامڻ وقت هڪڙي ٻار جو هٿ ٻاهر نڪتو، ۽ دائيءَ هن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌي ڇڏيو ۽ چيائين تہ هي پهرين ٻاهر نڪتو.
29
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، تہ ڏسن تہ سندس ڀاءُ نڪري آيو: تنهن تي دائيءَ چيو تہ تو ڪيئن پنهنجي لاءِ جاءِ ڪئي، تنهنڪري انهي جو نالو فارص رکيو ويو.
30
تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ نڪتو، جنهن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌل هو: ۽ انهي جو نالو زارح رکيائون.
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50