bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 50
Genesis 50
Sindhi Bible
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
1
تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو، ۽ کيس چميائين.
2
۽ جيڪي طبيب يوسف وٽ نوڪر هئا، تن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو: ۽ طبيبن اسرائيل کي سرهاڻ سان ڀريو.
3
انهيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن گذري ويا؛ ڇالاءِ جو سرهاڻ لائڻ ۾ ايترا ڏينهن لڳندا آهن: ۽ مصر جي ماڻهن هن جي لاءِ ستر ڏينهن ماتم ڪيو.
4
جڏهن هن جي ماتم جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي گهر وارن کي چيو تہ هاڻي، جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي، تہ ڀلائي ڪري هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن تي وجهو ۽ چئوس
5
تہ منهنجي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ڏس، آءٌ مران ٿو ۽ جيڪا قبر مون پنهنجي لاءِ ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻائي ڇڏي آهي؛ تنهن ۾ اوهين مون کي دفن ڪجو. تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي موڪل ڏي، تہ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. پوءِ آءٌ موٽي ايندس.
6
تڏهن فرعون چيو تہ جيئن تنهنجي پيءُ توکي قسم کڻائي چيو آهي، تيئن وڃي دفن ڪرينس.
7
تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو: ۽ ساڻس گڏ فرعون جا سڀ نوڪر، ۽ هن جي گهر جا بزرگ، ۽ مصر جي ملڪ جا سڀ وڏيرا،
8
۽ يوسف جي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ سندس ڀائر، ۽ سندس پيءُ جي گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي هليا: فقط هنن پنهنجا ٻار، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ پنهنجا ڌڻ، جشن جي زمين ۾ ڇڏيا.
9
۽ سواريءَ جون گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بہ ساڻس گڏ ويا:
10
مڙئي تہ ڏاڍي وڏي جماعت هئي. ۽ جڏهن اهي اتد جي هلر وٽ آيا، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اتي هنن ڏاڍي زور سان رنو؛ ۽ اتي هن پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن ماتم ڪيو.
11
جڏهن ڪنعان ملڪ جي ماڻهن اهو اتد جي هلر وارو ماتم ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي مصرين جو سخت ماتم آهي: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو ابيل مصرئيم پئجي ويو، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي.
12
سو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو، تيئن سندس پٽن ساڻس ڪيو؛
13
ڇالاءِ جو سندس پٽ کيس ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا، ۽ کيس مڪفيلہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيائون، جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو، ممريءَ جي سامهون، عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو هو.
14
پوءِ يوسف پاڻ، ۽ سندس ڀائر، ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، سي پڻس کي دفن ڪري موٽي مصر ۾ آيا،
15
هاڻي جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ اسان جو پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو، ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي آهي، تنهن جو اسان کان پوريءَ طرح بدلو وٺندو.
16
تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو، ۽ چيائونس تہ تنهنجي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ هي حڪم ڏنو هو،
17
تہ اوهين يوسف کي چئجو تہ هاڻي ڀلائي ڪري پنهنجن ڀائرن جو قصور ۽ سندن گناهہ معاف ڪج؛ ڇالاءِ جو هنن توسان بڇڙائي ڪئي هئي: سو هاڻ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجي پيءُ جي خدا جي ٻانهن جا گناهہ معاف ڪر. ۽ جڏهن هنن يوسف کي ائين چيو تڏهن هن روئي ڏنو.
18
۽ سندس ڀائر بہ وڃي سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجا نوڪر آهيون.
19
تڏهن يوسف کين چيو تہ ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟
20
باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.
21
تنهنڪري هاڻي اوهين ڊڄو نہ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي ٻارن کي سنڀاليندو رهندس. پوءِ هنن کي دلداري ڏنائين، ۽ ساڻن پيار سان ڳالهايائين.
22
۽ يوسف پاڻ ۽ سندس پيءُ جو خاندان مصر ۾ رهڻ لڳا: ۽ يوسف هڪ سؤ ڏهہ ورهيہ جيئرو رهيو.
23
۽ يوسف افرائيم جي ٽينءَ پيڙهيءَ وارا ٻار بہ ڏٺا: ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ يوسف جي هنج ۾ نپنا.
24
نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.
25
۽ يوسف بني اسرائيل کان قسم کڻائي کين چيو تہ خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، پوءِ اوهين منهنجا هڏا هتان کڻي وڃجو.
26
انهيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي: ۽ هنن کيس سرهاڻيون لائي پيتيءَ ۾ وجهي مصر ۾ رکيو.
← Chapter 49
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50