bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 45
Genesis 45
Sindhi Bible
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 46 →
1
تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو.
2
پوءِ هو زور زور سان روئڻ لڳو: جو مصرين ۽ فرعون جي گهر وارن ٻڌو.
3
۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا.
4
تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو.
5
هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو.
6
ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو.
7
خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي.
8
سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي.
9
هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو، ۽ چئوس تہ تنهنجو پٽ يوسف هيئن ٿو چوي، خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي: مون وٽ هليو اچ، دير نہ ڪر.
10
تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي:
11
۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون.
12
۽ ڏسو اوهين، ۽ منهنجو ڀاءُ بنيمين اکين سان ڏسو ٿا، تہ آءٌ ئي پنهنجي واتان پيو ڳالهايان.
13
۽ مصر ۾ جيڪو منهنجو شان آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻي اوهين جلد وڃي منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو.
14
پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ بنيمين کي ڀاڪر پائي رنو؛ ۽ بنيمين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو.
15
۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
16
هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي خبر فرعون جي گهر تائين پهچي ويئي، جو چيائون تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن: ۽ انهيءَ ڪري فرعون ۽ سندس نوڪر ڏاڍا خوش ٿيا.
17
۽ فرعون يوسف کي چيو تہ تون پنهنجن ڀائرن کي چئُہ تہ اوهين هيئن ڪريو؛ جو پنهنجا وهٽ لڏي روانا ٿيو ۽ جلدي وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ پهچو؛
18
۽ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گهر وارن کي وٺي مون وٽ اچو: ۽ آءٌ اوهان کي مصر جي ملڪ جون نعمتون ڏيندس، ۽ اوهان کي هن ملڪ جون عمديون شيون کائڻ لاءِ ملنديون.
19
هاڻي تون اهو حڪم ڏي تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون وٺي وڃن، ۽ پنهنجي پيءُ کي هيڏانهن وٺي اچن.
20
اوهين پنهنجي مال متاع جو فڪر نہ ڪريو: ڇالاءِ جو مصر جي ملڪ جون سڀ نعمتون اوهان جون آهن.
21
سو اسرائيل جي پٽن ائين ئي ڪيو: ۽ يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ڏنيون، ۽ رستي جي لاءِ سمر بہ ڏنائين.
22
۽ انهن مان هر هڪ کي وڳو ڏنائين، پر بنيمين کي ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا، ۽ پنج وڳا ڏنائين.
23
۽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ هي شيون موڪليائين: ڏهہ گڏهہ، جن تي مصر جون عمديون شيون لڏيل هيون، ڏهہ گڏهيون جن تي اَن، ماني ۽ کاڌو لڏيل هو، جو سندس پيءُ جي لاءِ رستي جو سمر هو.
24
اهڙيءَ طرح هن پنهنجن ڀائرن کي روانو ڪيو ۽ هو اٿي هليا: ۽ هن کين چيو تہ ڏسجو متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.
25
پوءِ هو مصر مان روانا ٿي، ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا.
26
۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو.
27
۽ جيڪي ڳالهيون يوسف کين چيون هيون، سي هن کي ٻڌايائون: ۽ جڏهن هن گاڏيون ڏٺيون، جي يوسف سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو:
28
۽ اسرائيل چيو تہ هاڻي بس، منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي، آءٌ مرڻ کان اڳيئي وڃي کيس ڏسندس.
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 46 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50