bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 42
Genesis 42
Sindhi Bible
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 43 →
1
جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ اوهين ڇو ويٺا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو؟
2
۽ چيائين تہ ڏسو، مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اَن آهي: اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو؛ تہ اسان جي جان بچي، ۽ مري نہ وڃون.
3
سو يوسف جا ڏهہ ڀائر مصر مان اَن خريد ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.
4
پر يوسف جي ڀاءُ بنيمين کي يعقوب سندس ڀائرن سان گڏ نہ موڪليو؛ جو چيائين تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي.
5
پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.
6
۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو.
7
يوسف پنهنجن ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر پاڻ ڌارئي وانگر ساڻن کهرو ڳالهايائين؛ ۽ چيائين تہ اوهين ڪٿان ٿا اچو؟ هنن چيو تہ اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهيون.
8
ائين يوسف تہ پنهنجن ڀائرن کي سڃاتو، پر هنن نہ سڃاتس،
9
۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.
10
پر هنن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تنهنجا ٻانها کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهن.
11
اسين سڀيئي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ آهيون؛ اسين سچا آهيون، تنهنجا ٻانها جاسوس نہ آهن.
12
پر هن چين تہ نہ، اوهين هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.
13
تڏهن هنن چيس تہ اسين تنهنجا ٻانها، ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا ٻار آهيون ۽ ڏس، سڀني کان ننڍو اڄ اسان جي پيءُ وٽ آهي، ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.
14
پر يوسف چين تہ ڳالهہ اِها ئي آهي، جا مون اوهان کي چئي آهي، تہ اوهين جاسوس آهيو.
15
هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائبو؛ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيسين اوهان جو ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو، تيسين اوهين هتان وڃي ڪين سگهندا.
16
اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو.
17
سو هن کين ٽن ڏينهن تائين بند ۾ گڏ رکيو.
18
پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي.
19
جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، تہ اوهان ڀائرن مان هڪڙو هن قيد خاني ۾ بند رهي؛ ۽ اوهين ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ۾ وڃو،
20
۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو؛ اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ ثابت ٿيندي، ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. سو هنن ائين ئي ڪيو،
21
۽ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ سچ اسين پنهنجي ڀاءُ جي بابت ڏوهاري آهيون؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هن اسان کي نيزاريون ٿي ڪيون، تڏهن اسان هن جي جيءَ جو ڏک ڏسي بہ سندس ڳالهہ قبول نہ ڪئي. تنهنڪري اسان تي هيءَ مصيبت آئي آهي.
22
تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي.
23
هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجهي رهيو آهي: ڇالاءِ جو سندن وچ ۾ ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو.
24
تڏهن هو پاڻ هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن اچي، ساڻن گفتگو ڪيائين ۽ منجهانئن شمعون کي وٺي، سندن اڳيان بند ڪيائين.
25
تنهن کان پوءِ يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اَن ڀريو، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ جا پيسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وجهو، ۽ واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏيون، ۽ ائين ئي ساڻن ڪيائون.
26
پوءِ هو پنهنجن گڏهن تي اَن لڏي اُتان روانا ٿيا.
27
۽ جڏهن انهن مان هڪڙي ڄڻي منزل تي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ٻورو کوليو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي، تہ سندس پيسا ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن.
28
تنهن تي هن پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ منهنجا پيسا تہ مون کي موٽائي ڏنا اٿن، اِجهو منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن: تڏهن هنن جو هانءُ ئي هارجي ويو، ۽ ڏڪي هڪ ٻئي ڏانهن ڦري چوڻ لڳا تہ هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟
29
پوءِ هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا، ۽ جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو، سو کيس ٻڌايائون؛ ۽ چيائون
30
تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ملڪ جو حاڪم آهي، تنهن اسان سان کهرو ڳالهايو، ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجهيائين.
31
اسان هن کي چيو تہ اسين سچا ماڻهو آهيون، اسين جاسوس نہ آهيون:
32
اسين ٻارهن ڀائر هڪڙي پيءُ جا پٽ آهيون؛ هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو اڄ ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي.
33
تڏهن انهيءَ ملڪ جي حاڪم اسان کي چيو تہ هن ريت مون کي خبر پوندي تہ اوهين سچا آهيو؛ جو اوهان ڀائرن مان هڪڙي کي مون وٽ ڇڏي، باقي ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو:
34
۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو: پوءِ آءٌ سمجهندس تہ اوهين جاسوس نہ آهيو، پر سچا ماڻهو آهيو: تنهن کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي موٽائي ڏيندس، ۽ پوءِ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ واپار ڪجو.
35
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ٿي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پيسن جي ڳنڍڙي سندس ٻوري ۾ پئي آهي: ۽ جڏهن هنن ۽ سندن پيءُ پيسن جون ڳنڍڙيون ڏٺيون، تڏهن ڊپ وٺي وين.
36
پوءِ سندن پيءُ يعقوب چين تہ اوهان مون کي بي اولاد ڪيو آهي: يوسف جو پتو ڪونهي، شمعون بہ آهي ڪونہ، ۽ هاڻي بنيمين کي بہ وٺي ويندا: اهي سڀ ڳالهيون منهنجي برخلاف آهن.
37
تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏج: هن کي منهنجي حوالي ڪر، ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس.
38
پر هن چيو تہ منهنجو پٽ اوهان سان نہ ويندو؛ هن جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ هو اڪيلو رهجي ويو آهي: ۽ رستي ۾ هن جي مٿان ڪا آفت اچي پيئي، تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 43 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50