bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 7
Genesis 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 8 →
1
۽ خداوند نوح کي چيو تہ تون ۽ تنهنجو سڄو خاندان اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو ڇالاءِ جو مون هن زماني ۾ رڳو توکي ئي پنهنجي حضور ۾ راستباز ڏٺو آهي.
2
۽ سڀني پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ انهن جون ماديون؛ ۽ جيڪي پاڪ نہ آهن، تن مان ٻہ ٻہ نر ۽ انهن جون ماديون پاڻ سان گڏ آڻ.
3
هوا جي پکين مان ٻہ ٻہ نر ۽ سندن ماديون آڻ، تہ زمين تي انهن جو نسل قائم رهي.
4
ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس.
5
تڏهن نوح خداوند جي حڪم موجب سڀ ڪجهہ ڪيو.
6
جڏهن زمين تي پاڻيءَ جو طوفان آيو، تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهيہ هئي.
7
پوءِ نوح، سندس پٽ، سندس زال ۽ سندس پٽن جون زالون، پاڻيءَ جي طوفان ڪري اچي ٻيڙيءَ ۾ رهيا.
8
۽ پاڪ جانورن مان، ۽ جيڪي جانور پاڪ نہ آهن تن مان، ۽ پکين مان، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان؛
9
ٻہ ٻہ نر ۽ ماديون نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيئن خداوند نوح کي فرمايو هو.
10
۽ ستن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻيءَ جو طوفان زمين تي آيو.
11
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،
12
۽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن پئي پيو.
13
انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس ٽي پٽ، سم، حام ۽ يافت ۽ نوح جي زال ۽ نوح جي پٽن جون ٽي زالون اهي سڀ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا.
14
۽ سڀ ڪنهن قسم جا جانور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا ڍور، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا زمين تي سرندڙ جيت، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا وڏا ۽ ننڍا پکي.
15
۽ سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو نوح وٽ ٻيڙيءَ ۾ آيو.
16
۽ جيڪي بہ ساهوارا اندر آيا سي خدا جي حڪم موجب نر ۽ مادي هئا، پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
17
پوءِ چاليهہ ڏينهن زمين تي سيلاب رهيو ۽ پاڻي چڙهندو ويو، ۽ ٻيڙيءَ کي مٿي کنيائين، سو ٻيڙي زمين تان کڄي مٿي ٿي.
18
۽ پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو، ۽ گهڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ تي ترڻ لڳي.
19
۽ پاڻي زمين تي تمام گهڻو چڙهيو، اهڙو جو جيڪي بہ وڏا جبل دنيا ۾ هئا، سي سڀئي ٻڏي ويا.
20
پاڻي انهن کان بہ پندرهن هٿ مٿي هو، ۽ جبل پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا.
21
۽ جيڪي بہ ساهوارا زمين تي گهميا ٿي، جهڙوڪ پکي، ڍور، مرون، سرندڙ جيت ۽ انسان سي سڀئي مري ويا.
22
۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا.
23
جيڪا بہ ساهواري شيءِ زمين تي هئي، سا برباد ٿي ويئي. ماڻهو توڙي جانور، سرندڙ جيت توڙي هوا جا پکي، سڀئي زمين تان ميٽجي ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، سي وڃي بچيا.
24
۽ ڏيڍ سو ڏينهن تائين پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50