bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 46
Genesis 46
Sindhi Bible
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 47 →
1
پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين.
2
۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
3
تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.
4
آءٌ تو سان مصر ۾ هلندس ۽ توکي ضرور موٽائي آڻيندس، ۽ يوسف تنهنجين اکين تي پنهنجو هٿ رکندو.
5
پوءِ يعقوب بيرسبع مان نڪري اٿي هليو، ۽ اسرائيل جي پٽن پنهنجي پيءُ کي، ۽ پنهنجن ٻارن ۽ زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو، جي فرعون سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون.
6
۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو.
7
هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.
8
اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ.
9
۽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.
10
۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو.
11
۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.
12
۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.
13
۽ اشڪار جا پٽ؛ تولع، فووہ، يوب ۽ سمرون.
14
۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل.
15
اهي سڀ لياہ جا پٽ آهن، جي کيس فدان ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا: هن جا پٽ ۽ ڌيون مڙيئي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.
16
۽ جد جا پٽ؛ صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي.
17
۽ آشر جا پٽ؛ يمنہ، اسواہ، اسوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ: ۽ بريعاہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل.
18
اهي سڀ زلفہ جا پٽ آهن، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي: اهي هن کي يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي سورنهن ڄڻا هئا.
19
۽ يعقوب جي زال راخل جا پٽ؛ يوسف ۽ بنيمين.
20
۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.
21
۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا.
22
اهي آهن راخل جا پٽ جي يعقوب مان پيدا ٿيا. اهي مڙيئي چوڏهن ڄڻا هئا.
23
۽ دان جو پٽ؛ حشيم.
24
۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم.
25
اهي آهن بلهاہ جا پٽ، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي، ۽ اهي کيس يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي ست ڄڻا هئا.
26
يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛
27
۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.
28
۽ هن يهوداہ کي پاڻ کان اڳي يوسف ڏانهن موڪليو، تہ کيس جشن ڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاري؛ پوءِ اهي جشن جي ملڪ ۾ آيا.
29
۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين.
30
۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي.
31
پوءِ يوسف پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي خاندان کي چيو تہ آءٌ وڃي ٿو فرعون کي ٻڌايان تہ منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ هئا، سي مون وٽ آيا آهن؛
32
۽ اهي ماڻهو ڌنار آهن، ڇالاءِ جو هنن ڌڻ پئي چاريا آهن، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو، سو آندو اٿن.
33
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن فرعون اوهان کي سڏيندو ۽ چوندو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟
34
تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 47 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50