bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 29
Genesis 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 30 →
1
پوءِ يعقوب مسافري ڪندي اڳتي وڌيو، ۽ اڀرندي وارن ماڻهن جي ملڪ ۾ پهتو.
2
۽ هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي، ۽ اتي رڍن جا ٽي ڌڻ انهيءَ کوهہ جي ڀر ۾ ويٺا آهن؛ ڇالاءِ جو انهيءَ کوهہ مان انهن ڌڻن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪڙو وڏو پهڻ رکيل هو؛
3
۽ جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن انهيءَ پهڻ کي کوهہ جي منهن تان اُٿلائي، رڍن کي پاڻي پياريندا هئا، ۽ پوءِ وري اهو پهڻ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا.
4
جڏهن يعقوب اتي پهتو، تڏهن انهن کي چيائين تہ ڀائرو، اوهين ڪٿان جا آهيو؟ هنن چيو تہ اسين حاران جا آهيون.
5
هن چين تہ اوهين نحور جي پٽ حاران کي سڃاڻو ٿا؟ هنن چيو تہ هائو، اسين سڃاڻونس ٿا.
6
تڏهن پڇيائين تہ هو صحيح سلامت آهي؟ هنن چيو تہ هائو، صحيح سلامت آهي؛ اِجها سندس ڌيءَ راخل رڍن کي وٺيو پيئي اچي.
7
پوءِ هن چيو تہ ڏسو، اڃا ڏينهن گهڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پياري وڃي چاريو.
8
تنهن تي هنن چيو تہ اسين ائين ڪري نٿا سگهون، پر جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي گڏ ٿيندا، ۽ کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايو ويندو، تڏهن اسين رڍن کي پاڻي پيارينداسين.
9
اڃا هن ساڻن ڳالهيون پئي ڪيون، تہ راخل پنهنجي پيءُ جون رڍون وٺي آئي؛ ڇالاءِ جو هوءَ انهن کي سنڀاليندي هئي.
10
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يعقوب پنهنجي مامي لابن جي ڌيءَ کي، ۽ پنهنجي مامي لابن جي رڍن کي ڏٺو، تڏهن ويجهو وڃي کوهہ جي منهن تان پهڻ اُٿلايائين، ۽ پنهنجي مامي لابن جي ڌڻ کي پاڻي پياريائين.
11
پوءِ يعقوب راخل کي چُميو، ۽ زور سان روئڻ لڳو.
12
۽ يعقوب راخل کي چيو تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو ڀاڻيجو ۽ ربقہ جو پٽ آهيان، تڏهن هن ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ کي خبر ڏني،
13
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي، تڏهن کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائين، ۽ پنهنجي گهر وٺي آيس. ۽ هن لابن کي سمورو حال ٻڌايو.
14
تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.
15
پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ تون منهنجو ڀاءُ آهين، تنهنڪري آءٌ توکان مفت پورهيو ڪرائيندس ڇا؟ مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيترو اُجورو وٺندين؟
16
هاڻي، لابن کي ٻہ ڌيون هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو.
17
لياہ جون اکيون چنجهيون هيون، پر راخل سهڻي ۽ پياري هئي.
18
۽ يعقوب جو راخل تي پيار هو؛ تنهنڪري چيائين تہ تنهنجي ننڍي ڌيءَ جي لاءِ آءٌ ست ورهيہ تو وٽ پورهيو ڪندس.
19
تڏهن لابن چيو تہ اها ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ڏيان، تنهن کان توکي ڏيان تہ چڱو، تون مون وٽ رهي پئُہ.
20
پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.
21
پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻي منهنجي زال مون کي ڏي تہ وٽس وڃان.
22
تڏهن لابن انهيءَ هنڌ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مجلس ڪئي.
23
۽ هيئن ٿيو جو سانجهيءَ جي وقت پنهنجي ڌيءَ لياہ آڻي هن کي ڏنائين؛ ۽ هو وٽس ويو.
24
۽ لابن پنهنجي ٻانهي زلفہ، پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني.
25
۽ صبح جو جڏهن هو اُٿيو، تڏهن ڏٺائين تہ هيءَ لياہ آهي، تڏهن لابن کي چيائين تہ تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو وٽ راخل جي لاءِ پورهيو ڪين ڪيو ڇا؟ پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟
26
تڏهن لابن چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ اهو دستور نہ آهي تہ وڏيءَ کان اڳ ۾ ننڍي ڏجي.
27
هن جو ستاواڙو پورو ڪر، تنهن کان پوءِ جيڪي ٻيا ست ورهيہ تون مون وٽ پورهيو ڪندين، تنهن جي لاءِ اسين توکي هيءَ ٻي بہ ڏينداسين.
28
سو يعقوب ائين ئي ڪيو، هن جو ستاواڙو پورو ڪيائين؛ پوءِ هن کيس پنهنجي ڌيءَ راخل سان بہ شادي ڪرائي ڏني.
29
۽ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي پنهنجي ٻانهيءَ بلهاہ، ٻانهي ڪري ڏني.
30
۽ يعقوب راخل وٽ ويو، ۽ هو راخل کي لياہ کان وڌيڪ پيار ڪندو هو، ۽ هن ٻيا ست ورهيہ بہ انهيءَ وٽ پورهيو ڪيو.
31
۽ خداوند ڏٺو تہ لياہ حقير ٿي ليکجي، سو هن سندس رحم کوليو: پر راخل سنڍ رهجي ويئي.
32
۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.
33
۽ هوءَ وري حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ خداوند ٻڌو آهي تہ منهنجي حقارت ٿي ٿئي، تنهنڪري مون کي هي بہ پٽ ڏنو اٿس، سو انهي جو نالو شمعون رکيائين.
34
۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هاڻي هن ڀيري منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ٽي پٽ پيدا ٿيا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو لاوي رکيائين.
35
۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ چيائين تہ هن ڀيري آءٌ خداوند جي تعريف ڪنديس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ هن جو ويامڻ بند ٿيو.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50