bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 25
Genesis 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 26 →
1
پوءِ ابرهام وري ٻي زال پرڻيو، جنهن جو نالو قتورہ هو.
2
انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا.
3
۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا.
4
۽ مديان جا پٽ عيفاہ، عفر، حنوڪ، ابيداع ۽ الدوعا هئا. هي سڀ قتورہ جو اولاد هو.
5
۽ ابرهام وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏنائين.
6
پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
7
ابرهام جي سڄي عمر هڪ سؤ پنجهتر ورهيہ هئي.
8
پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.
9
۽ سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس صحر حتيءَ جي پٽ عفرون جي ٻنيءَ واري مڪفيلہ جي غار ۾ دفن ڪيو، جا ممريءَ جي سامهون آهي؛
10
اها ساڳي ٻني، جا ابرهام حت جي پٽن کان خريد ڪئي هئي: اتي ابرهام ۽ سندس زال سارہ دفن ڪيا ويا.
11
۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو.
12
هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي.
13
اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،
14
مشماع، دومہ، مسا،
15
حدو، تيما، يطور، نفيس، ۽ قدمہ.
16
اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا.
17
اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.
18
۽ اهي حويلہ کان شور تائين رهندا هئا، جو اسور ڏانهن ويندي مصر جي سامهون آهي، ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي سامهون رهندو آيو.
19
هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو.
20
۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين.
21
۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،
22
۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.
23
۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.
24
پوءِ جڏهن هن جي ويامڻ جا ڏينهن اچي ڀريا، تڏهن ڏٺائون تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا.
25
پهريون ڳاڙهو نڪتو ۽ هن جو بت پوستين وانگر هو، تنهنڪري انهي جو نالو عيسو رکيائون.
26
تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.
27
پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو.
28
هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو.
29
هڪڙي ڏينهن يعقوب ٻوڙ ويٺي رڌو تہ عيسو جهنگ مان آيو، ۽ ڏاڍو ٿڪل هو،
30
۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو.
31
تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.
32
تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟
33
تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين.
34
پوءِ يعقوب، عيسوءَ کي ماني ۽ مسور جي دال ڏني، ۽ هو کائي پي اُٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. انهيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي حقير سمجهيو.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50