bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 11
Genesis 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 12 →
1
۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي.
2
۽ هيئن ٿيو جو اڀرندي ڏانهن مسافري ڪندي ڪندي اهي سنعار ملڪ جي هڪڙي ميدان ۾ آيا، ۽ اتي رهي پيا.
3
اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو.
4
۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.
5
تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.
6
۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي.
7
تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.
8
سو خداوند انهن کي اتان هٽائي ساريءَ زمين تي پکيڙي ڇڏيو: تڏهن هنن اهو شهر جوڙڻ ڇڏي ڏنو.
9
تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.
10
سم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن سم هڪ سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن طوفان کان ٻہ سال پوءِ هن مان ارفڪسد پيدا ٿيو.
11
۽ ارفڪسد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سم پنج سؤ ورهيہ جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
12
جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سلحہ پيدا ٿيو:
13
۽ سلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ارفڪسد چار سو ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
14
جڏهن سلحہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان عبر پيدا ٿيو:
15
۽ عبر جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سلحہ چار سؤ ٽي ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
16
جڏهن عبر چوٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان فلجہ پيدا ٿيو:
17
۽ فلجہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ عبر چار سؤ ٽيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
18
جڏهن فلجہ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان رعو پيدا ٿيو:
19
۽ رعو جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ فلجہ ٻہ سؤ نو ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
20
جڏهن رعو ٻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سروج پيدا ٿيو:
21
۽ سروج جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رعو ٻہ سؤ ست ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
22
جڏهن سروج ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان نحور پيدا ٿيو:
23
۽ نحور جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سروج ٻہ سؤ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
24
جڏهن نحور اوڻٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان تارح پيدا ٿيو:
25
۽ تارح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ نحور هڪ سؤ اوڻيهہ ورهيہ جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.
26
جڏهن تارح ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا.
27
تارح جو نسب نامو هن ريت آهي: تارح مان ابرام، نحور ۽ حاران پيدا ٿيا؛ ۽ حاران مان لوط پيدا ٿيو.
28
۽ حاران پنهنجي پيءُ تارح جي جيئري، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، يعني ڪسدين جي اور ۾ مري ويو.
29
۽ ابرام ۽ نحور شادي ڪئي. ابرام جي زال جو نالو ساري هو، ۽ نحور جي زال جو نالو ملڪہ هو، جا انهيءَ حاران جي ڌيءَ هئي جو ملڪہ ۽ اسڪہ جو پيءُ هو.
30
ساري سنڍ هئي؛ ۽ کيس ڪو ٻار ڪونہ هو.
31
پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
32
تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50