bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 17
Genesis 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 18 →
1
جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.
2
آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ عهد ڪندس ۽ توکي گهڻو وڌائيندس.
3
تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ
4
ڏس، منهنجو تو سان عهد آهي، تون گهڻين قومن جو پيءُ ٿيندين.
5
اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابرهام سڏبو؛ ڇالاءِ جو مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ڪيو آهي.
6
آءٌ توکي گهڻي اولاد وارو ڪندس، تو مان قومون پيدا ڪندس، ۽ تنهنجي اولاد مان بادشاهہ نڪرندا.
7
آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.
8
آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.
9
۽ خدا ابرهام کي چيو تہ تون منهنجو عهد مڃيندو رهج، تون ۽ تو کان پوءِ تنهنجو اولاد، سڀني پيڙهين تائين اهو مڃيندا رهجو.
10
۽ منهنجو عهد، جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾ آهي؛ جو اوهين مڃيندا رهندا، سو هي آهي؛ تہ اوهان مان سڀ ڪنهن مرد جو ختنو ڪيو وڃي.
11
اوهين پنهنجي بدن جي کل جو ختنو ڪرائجو: اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪيل عهد جو نشان ٿيندو.
12
اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ سڀ ڪنهن ڇوڪر جو، جڏهن هو اٺن ڏينهن جو ٿئي، تڏهن ختنو ڪيو وڃي. پوءِ توڙي هو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي يا ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان، جو تنهنجي نسل مان نہ آهي پر پئسن تي خريد ڪيل آهي.
13
سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.
14
۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.
15
پوءِ خداوند ابرهام کي چيو تہ ساري، جا تنهنجي زال آهي، تنهن کي اڳتي ساري نہ سڏج، پر هن جو نالو سارہ ٿيندو.
16
آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ سندس پيٽان توکي هڪڙو پٽ ڏيندس. هائو، آئون هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي، ۽ اُمت جا بادشاهہ منجهانئس پيدا ٿيندا.
17
تڏهن ابرهام جهڪي سجدو ڪيو ۽ کلي دل ۾ چيائين تہ جنهن ماڻهو جي عمر سؤ ورهيہ آهي، تنهن مان ڪو ٻار پيدا ٿيندو، ۽ سارہ جا نوي ورهين جي آهي، سا ڪو ٻار ڄڻيندي؟
18
۽ ابرهام خدا کي چيو تہ شل اسماعيل تنهنجي حضور ۾ جيئرو رهي!
19
پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس.
20
باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو: مون هن کي برڪت ڏني آهي، آءٌ کيس گهڻي اولاد ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ اولاد وارو ڪندس ۽ تمام گهڻو وڌائيندس؛ هن مان ٻارهن سردار پيدا ٿيندا، ۽ آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.
21
پر ايندڙ سال جي هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق ڄڻيندي، تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.
22
جڏهن خدا ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن وٽانئس مٿي چڙهي ويو.
23
پوءِ ابرهام انهيءَ ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل جو، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا، ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، يعني ابرهام سندس گهر جي ماڻهن مان سڀني مردن جي جسم جي کل جو ختنو ڪرايو.
24
جڏهن ابرهام جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو نوانوي ورهين جو هو.
25
۽ جڏهن سندس پٽ اسماعيل جي جسم جي کل جو ختنو ٿيو، تڏهن هو تيرهن ورهين جو هو.
26
ابرهام ۽ سندس پٽ اسماعيل جو ختنو ساڳئي ڏينهن ٿيو.
27
۽ هن جي گهر جا سڀيئي مرد جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، تن سڀني جو بہ ساڻس گڏ ختنو ٿيو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50