bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Genesis 12
Genesis 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 13 →
1
هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس:
2
آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.
3
جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.
4
سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب روانو ٿيو؛ ۽ لوط بہ ساڻس گڏجي هليو: جڏهن ابرام حاران مان نڪتو، تڏهن پنجهتر ورهين جو هو.
5
سو ابرام پنهنجي زال ساري، پنهنجو ڀائٽيو لوط، ۽ سڀ مال جو گڏ ڪيو هئائين، ۽ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئس، سي پاڻ سان کنيا، ۽ اهي ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ روانا ٿيا؛ ۽ نيٺ اچي انهيءَ ملڪ ۾ پهتا.
6
۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.
7
تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.
8
پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.
9
۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو.
10
پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين.
12
سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن مصري توکي ڏسندا ۽ سڃاڻندا تہ تون منهنجي زال آهين: تڏهن هو مون کي ماري وجهندا ۽ توکي جيئرو ڇڏيندا.
13
تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي.
14
سو هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرام مصر ۾ آيو، تڏهن مصرين ڏٺو تہ هيءَ زال ڏاڍي سهڻي آهي،
15
۽ فرعون جي اميرن هن کي ڏسي فرعون وٽ هن جي تعريف ڪئي: ۽ هو انهيءَ زال کي فرعون جي گهر وٺي ويا.
16
۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين.
17
پر خداوند ابرام جي زال ساريءَ جي ڪري، فرعون ۽ سندس خاندان کي مصيبتن ۾ وڌو.
18
تڏهن فرعون ابرام کي سڏي چيو تہ تو مون سان هي ڇا ڪيو؟ تو ڇو نہ مون کي چيو تہ هيءَ منهنجي زال آهي.
19
تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ انهيءَ ڪري مون هن کي پنهنجي زال ٿي ڪيو: هاڻي ڏس، تنهنجي زال حاضر آهي، وٺي وڃينس.
20
پوءِ فرعون پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو، ۽ هنن کيس ۽ سندس زال کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو تنهن کي روانو ڪيو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50