bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 10
Job 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 11 →
1
منهنجو روح منهنجي حياتيءَ کان بيزار آهي ۽ آءٌ پنهنجي فرياد آزاديءَ سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي ڏکي روح سان ڳالهائيندس.
2
آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟
3
اهو ڪو تنهنجي لاءِ چڱو آهي ڇا تہ تون ظلم ڪرين، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم کي ڌڪارين، ۽ شريرن جي صلاح مصلحت کي روشن ڪرين؟
4
توکي جسماني اکيون آهن ڇا يا تون ماڻهوءَ وانگر ڏسين ٿو ڇا؟
5
تنهنجا ڏينهن ڪي ماڻهوءَ جي ڏينهن جهڙا آهن ڇا، يا تنهنجا ورهيہ ڪي ماڻهوءَ جي ورهين جهڙا آهن ڇا؟
6
جو تون منهنجن ڏوهن جي جاچ ٿو ڪرين، ۽ منهنجن گناهن جي ڳولا ٿو ڪرين،
7
جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ شرير نہ آهيان؛ ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي جو تنهنجي هٿان ڇڏائي سگهي؟
8
تنهنجن هٿن چوڌاري گڏي مونکي جوڙيو آهي ۽ بنايو آهي؛ تڏهن بہ تون مونکي ناس ڪرين ٿو.
9
آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ياد ڪر تہ تو مون کي ڳوهيل مٽيءَ وانگر جوڙيو آهي؛ ۽ وري مونکي خاڪ ۾ آڻي وجهندين ڇا؟
10
تو مون کي کير وانگر اوتي نہ ڇڏيو آهي ڇا، ۽ پنير وانگر نہ ڄمايو اٿيئي ڇا؟
11
تو مون کي کل ۽ ماس سان ڍڪيو آهي، ۽ هڏن ۽ نسن سان ڳنڍي ڍڪيو اٿيئي.
12
تو مون کي حياتي ۽ مهرباني عطا ڪئي آهي، ۽ تنهنجي حضوريءَ منهنجو روح بچايو آهي.
13
انهيءَ هوندي بہ اهي ڳالهيون تو پنهنجي دل ۾ لڪايون؛ مون کي خبر آهي تہ اهو تنهنجو ڪم آهي:
14
جيڪڏهن آءٌ گناهہ ٿو ڪريان تہ تون مون کي سهي ڪري وٺين ٿو، ۽ مون کي پنهنجي ڏوهہ کان آزاد ڪري نہ ڇڏيندين.
15
جي آءٌ شرير هوندس تہ منهنجي حال تي افسوس آهي؛ ۽ جي آءٌ سچو هوندس تہ بہ آءٌ پنهنجو منهن مٿي نہ کڻندس؛ جو شرمندگيءَ سان ڀريل آهيان، ۽ پنهنجي مصيبت تي نظر اٿم.
16
۽ جي منهنجو ڪنڌ پاڻ کي مٿي ڪري ٿو، تہ تون شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهيو پوين: ۽ وري عجيب طرح مون کي پاڻ ڏيکارين ٿو.
17
تون نئين سر پنهنجا شاهد منهنجي برخلاف پيدا ڪرين ٿو، ۽ پنهنجي ڪاوڙ مون تي وڌائين ٿو؛ نوان لشڪر مون تي چڙهي ٿا اچن.
18
تڏهن ڇو تو ماءُ جي پيٽ مان مون کي ٻاهر آندو آهي؟ آءٌ ساهہ ڏيان ها، تہ ڪنهن بہ اک مون کي نہ ڏٺو هجي ها.
19
آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو ڄڻ تہ هوس ئي ڪونہ؛ آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي قبر ۾ کڄي وڃان ها.
20
منهنجا ڏينهن ٿورا نہ آهن ڇا؟ تڏهن بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ آءٌ ٿورو آرام ڪريان.
21
جو پوءِ آءٌ اوڏي ويندس جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ واري ۽ موت جي پاڇي واري زمين ۾ ويندس؛
22
جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42