bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 31
Job 31
Sindhi Bible
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 32 →
1
مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟
2
ڇالاءِ جو مٿان خدا وٽان ڪهڙو حصو آهي، قادر مطلق وٽان ورثو ڪهڙو آهي؟
3
اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟
4
هو منهنجا رستا نٿو ڏسي ڇا، ۽ منهنجا سڀ قدم نٿو ڳڻي ڇا؟
5
جيڪڏهن آءٌ مغروريءَ سان هليو آهيان، ۽ منهنجو پير ٺڳيءَ ڏانهن تڪڙو ٿيو آهي؛
6
(ڀلي تہ مون کي پوريءَ ساهميءَ ۾ تورين، تہ خدا کي منهنجي سچائي معلوم ٿئي؛)
7
جيڪڏهن منهنجو قدم رستي کان لڙي ٻاهر ويو آهي، ۽ منهنجي دل منهنجن اکين جي پٺيان لڳي هلي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو داغ منهنجن هٿن کي لڳو آهي؛
8
تہ پوءِ ڀلي آءٌ پوکيان ۽ ٻيو کائي؛ هائو، ڀلي منهنجي ٻنيءَ جي پيدائش پاڙؤن پٽجي وڃي.
9
جيڪڏهن منهنجي دل ڪنهن زال ڏانهن ڌتارجي ويئي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي پاڙيسري جي در وٽ لڪي ويٺو هجان:
10
تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن.
11
ڇالاءِ جو اهو جيڪر وڏو گناهہ هجي؛ هائو، اُهو جيڪر اهڙو ڏوهہ هجي جنهن جي قاضي سزا ڏين:
12
ڇالاءِ جو اها هڪڙي باهہ آهي جا ساڙيو چٽ ڪيو ڇڏي. ۽ منهنجي ساري پيدائش جيڪر پاڙؤن پٽي ڇڏي.
13
جي مون پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ جو حق ماريو آهي، جڏهن هو مون سان جهڳڙيا ٿي:
14
تہ جڏهن خدا اُٿي بيهندو تڏهن آءٌ ڇا ڪندس؟ ۽ جڏهن هو روبرو اچي پڇا ڪندو تڏهن هن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟
15
جنهن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، تنهن هن کي نہ جوڙيو ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي سڀني کي ماءُ جي پيٽ ۾ نہ بنايو ڇا؟
16
جيڪڏهن مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو آهي، يا بيواهہ جي اکين کي سڪايو اٿم؛
17
يا جي پنهنجو ٽڪر اڪيلو پاڻ کاڌو اٿم، ۽ انهيءَ مان ڪنهن يتيم بہ نہ کاڌو آهي؛
18
(نہ، بلڪ ننڍپڻ کان هو مون وٽ رهي وڏو ٿيو جيئن ڪو پيءُ وٽ رهي، ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ کان وٺي آءٌ بيواهہ جو رهبر ٿي رهيو آهيان؛)
19
جيڪڏهن ڪپڙن نہ هئڻ ڪري ڪنهن کي مرندو ڏٺو اٿم، يا جي ڪنهن محتاج کي ڪنهن بہ ڪپڙي کان سواءِ ڏٺو اٿم؛
20
جيڪڏهن انهيءَ جي چيلهہ مون کي دعا نہ ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجن رڍن جي اُن انهيءَ کي گرم نہ رکيو آهي؛
21
جيڪڏهن مون پنهنجو هٿ ڪنهن يتيم کي هڻڻ لاءِ کنيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي مدد در ۾ ڏٺي:
22
تہ تڏهن ڀلي منهنجو ڪلهو ڦڻيءَ کان ڪري پئي، ۽ منهنجي ٻانهن هڏي کان ڀڄي پوي.
23
ڇالاءِ جو مون کي خدا وٽان آيل آفت جي لاءِ خوف هو، ۽ هن جي جلال جي ڪري آءٌ ڪجهہ نہ ڪري سگهيس.
24
جيڪڏهن مون سون کي پنهنجو آسرو ڪيو آهي، ۽ خالص سون کي چيو اٿم تہ تون منهنجو ڀروسو آهين؛
25
جيڪڏهن گهڻي دولت هئڻ ڪري مون خوشي ڪئي هوندي، ۽ انهيءَ ڪري تہ منهنجي هٿ ۾ گهڻو ئي ڪي هو؛
26
جڏهن مون سج کي چمڪڻ وقت ڏٺو، يا چنڊ کي روشنائيءَ ۾ هلندو ڏٺم؛
27
تہ منهنجي دل ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڦري ويئي ۽ منهنجي وات منهنجي هٿ کي چُميو آهي:
28
تہ اهو بہ اهڙو ڏوهہ آهي جنهن جي لاءِ قاضي سزا ڏين ها: ڇالاءِ جو ائين خدا، جو مٿي آهي تنهن وٽ ڪوڙ ڳالهايان ها.
29
جيڪڏهن آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيس، يا جڏهن هن کي ڪا خرابي پهتي تڏهن پاڻ کي خوش ڪيم؛
30
(هائو، پٽڻ سان هن جي ساهہ وٺڻ لاءِ، مون پنهنجي وات کي گناهہ ڪرڻ نہ ڏنو؛)
31
جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟
32
پرديسي گهٽيءَ ۾ نہ ٽڪيو؛ پر مون پنهنجا در پٽي مسافر کي اندر آندو؛
33
جيڪڏهن آدم وانگر مون پنهنجا گناهہ ڍڪيا، جو پنهنجو ڏوهہ پنهنجي دل ۾ لڪايم:
34
ڇالاءِ جو آءٌ وڏيءَ جماعت کان ڊنس، ۽ قبيلن جي ڌڪار مون کي ڊيڄاريو آهي، جنهن ڪري آءٌ ماٺ ڪري ويٺس ۽ در کان ٻاهر نہ نڪتس.
35
شل ڪو منهنجي ٻڌڻ وارو هجي ها تہ چڱو! (ڏسو، اِجهو منهنجو دستخط، ڀلي تہ قادر مطلق مون کي ورندي ڏئي؛) ۽ جيڪا تهمت منهنجي دشمن لکي آهي سا جي مون وٽ هجي تہ چڱو!
36
يقيناً آءٌ جيڪر اها پنهنجي ڪلهي تي کڻان؛ اها آءٌ جيڪر پاڻ تي ڇٽ وانگر ٻڌان.
37
آءٌ جيڪر هن کي پنهنجن قدمن جو شمار ٻڌايان؛ هڪڙي شهزادي وانگر جيڪر آءٌ هن وٽ وڃان
38
جيڪڏهن منهنجي زمين منهنجي برخلاف پڪاري، ۽ انهيءَ جون کيڙون گڏجي روئن.
39
جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي:
40
تہ ڀلي ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جون جي بدران ڪڙا داڻا. ايوب جو ڪلام پورو ٿيو.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42