bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 38
Job 38
Sindhi Bible
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 39 →
1
تڏهن خداوند ايوب کي واچوڙي منجهان ورندي ڏئي چيو تہ،
2
هي ڪير آهي جو سمجهہ کان سواءِ ڳالهين ڪرڻ سان، صلاح مشورت تي پردو ٿو وجهي؟
3
هاڻي مڙس ٿي پنهنجي چيلهہ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.
4
جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ.
5
جيڪڏهن توکي خبر آهي تہ چئُہ تہ ڪنهن انهيءَ جي ماپ ڪئي؟ يا ڪنهن انهيءَ تي ڏور ڇڪي؟
6
ڇا تي انهيءَ جو بنياد ٻڌي قابو ڪيو ويو؟ يا ڪنهن انهيءَ جي ڪنڊ وارو پٿر رکيو؛
7
جڏهن صبح جي تارن گڏجي ڳايو، ۽ خدا جي سڀني پٽن خوشيءَ جا نعرا هنيا؟
8
يا جڏهن سمنڊ اُٿلي پيو، ڄڻ تہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتو آهي، تڏهن ڪنهن انهيءَ کي دروازا ڏئي بند ڪيو؛
9
جڏهن مون ڪڪر کي انهيءَ جي پوشاڪ ڪيو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ کي انهيءَ کي ويڙهڻ جو ڪپڙو ڪيو،
10
۽ انهيءَ جي لاءِ پنهنجي حڪم موجب مون حد ٺهرائي، ۽ انهيءَ کي در ۽ تاڙيون وڌم،
11
۽ چيم تہ تون هيستائين ايندين پر اڳتي نہ ويندين؛ ۽ هتي تنهنجون مغرور لهرون بيهي وينديون؟
12
تنهنجي پيدا ٿيڻ کان وٺي، تو صبح تي حڪم هلايو آهي ڇا، ۽ سج کي اُڀرڻ جي جاءِ تو سڃاڻائي آهي ڇا؛
13
تہ هو زمين جي حد تائين قبضو ڪري، ۽ شرير ماڻهو انهيءَ مان ڇنڊجي نڪري وڃن؟
14
اُها ائين بدلجي وڃي ٿي جيئن مٽي مهر هيٺ؛ ۽ سڀ شيون ڪپڙي وانگر نڪري ظاهر ٿيون ٿين:
15
۽ شريرن کان سندن روشنائي روڪي ٿي وڃي، ۽ مغرور ٻانهن ڀڃي ڇڏڻ ۾ ٿي اچي.
16
تون سمنڊ جي چشمن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا وڏي سمنڊ جي ڳجهين جاين ۾ هليو آهين ڇا؟
17
موت جا دروازا تو تي ظاهر ڪري ڏيکاريا ويا آهن ڇا؟ يا تو موت جي پاڇي جا دروازا ڏٺا آهن ڇا؟
18
تو زمين جي ويڪرائي پروڙي آهي ڇا؟ جي سڀ ڳالهيون تون ڄاڻين ٿو تہ ٻڌاءِ.
19
روشنائيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو رستو ڪٿي آهي، ۽ اونداهيءَ جي ڪهڙي جاءِ آهي؛
20
تہ تون اُها انهيءَ جي حد تائين وٺي وڃين ۽ انهيءَ جي گهر ڏي وڃڻ وارا رستا معلوم ڪرين؟
21
بيشڪ تون اهي ڄاڻين ٿو ڇالاءِ جو تون تڏهن ڄائو هئين، ۽ تنهنجن ڏينهن جو شمار وڏو آهي!
22
تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،
23
جي مون تڪليف جي وقت لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، ۽ لڙائي ۽ جنگ جي ڏينهن لاءِ؟
24
ڪهڙيءَ طرح روشنائي ورهائجي ڌار ٿئي ٿي، يا اُڀرندي جو واءُ زمين تي اچي ٿو؟
25
ڪنهن پاڻيءَ جي ليٽ لاءِ وهڻ جي جاءِ ڀڃي ڪڍي آهي، ۽ وڄ جي چمڪاٽ لاءِ رستو ڪڍيو آهي؛
26
انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ زمين تي مينهن پوي جا غيرآباد آهي؛ ۽ انهيءَ بيابان تي، جنهن ۾ ڪو بہ انسان ڪونهي؛
27
انهيءَ لاءِ تہ غيرآباد ۽ سڃيءَ زمين کي ڍءُ ڏئي؛ ۽ نازڪ گاهہ ڄمائي؟
28
مينهن کي ڪو پيءُ آهي ڇا؟ يا ڪنهن ماڪ جا ڦڙا ڄڻيا آهن ڇا؟
29
ڪنهن جي پيٽ مان برف آئي؟ ۽ آسمان جو سفيد پارو ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
30
پاڻي پٿر وانگر ڄمي وڃي ٿو، ۽ وڏي سمنڊ جي سطح ڄمي ٿي وڃي.
31
تون ڪتين جو ڇڳو ڪو ٻڌي سگهندين، يا جبار جا بند کولي سگهندين ڇا؟
32
تون منطقتہ اُلبروج کي سندس وقت تي ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا کٽ ۽ انجي پٺيان هلندڙن تارن کي گهمائي سگهندين ڇا؟
33
آسمانن جي قانونن جي ڪا توکي خبر آهي ڇا؟ انهن جو حڪم ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگهندين ڇا؟
34
تون پنهنجو آواز ڪڪرن تائين پهچائي سگهندين ڇا، تہ گهڻو پاڻي توکي ڍڪي ڇڏي؟
35
تون ڪو وڄ کي موڪلي سگهندين ڇا تہ نڪري وڃي، ۽ توکي چوي تہ آءٌ هتي آهيان؟
36
اندرين عضون ۾ عقل ڪنهن وڌو آهي؟ يا ڪنهن دل کي سمجهہ ڏني آهي؟
37
ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگهندو؟ يا ڪير آسمان جا ساندارا هاري سگهندو،
38
جڏهن مٽي بدلجي گپ ٿي پوي ٿي، ۽ ڀتر گڏجي ڳوڙها ٿين ٿا؟
39
تون ڪو شينهڻ جي لاءِ شڪار ڪري سگهندين؟ يا شينهن جي ٻچن جي بک لاهي سگهندين،
40
جڏهن اُهي پنهنجن غارن ۾ لڪن ٿا، ۽ جهنگ جي ٻوڙن ۾ لڪي ويهن ٿا؟
41
ڪانگ جي لاءِ ڪير کاڌو موجود ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا خدا کي دانهون ڪري سڏين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري رلن ٿا؟
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42