bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 19
Job 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 20 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:
2
ڪيستائين اوهين منهنجي روح کي هلاڪ ڪندا ۽ ڳالهين سان مون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندا؟
3
هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.
4
جي سچ پچ مون خطا ڪئي آهي، تہ ڀلي منهنجي خطا مون وٽ ئي رهي.
5
جيڪڏهن اوهين منهنجي سامهون پنهنجي وڏائي پيا ڪندا، ۽ منهنجي خواريءَ جي منهنجي سامهون حجت ڪندا:
6
تہ ڄاڻو، تہ خدا منهنجي معاملي ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي چوڌاري ڄار وڌي اٿس.
7
ڏسو، آءٌ ظلم جي خلاف پڪاريان ٿو پر منهنجي ٻڌي نٿي وڃي: آءٌ مدد لاءِ پڪاريان ٿو پر ڪو انصاف ڪونهي.
8
هن منهنجي راهہ اهڙي روڪي آهي جو آءٌ لنگهي نٿو سگهان، ۽ منهنجن رستن ۾ اونداهي ڪئي اٿس.
9
هن منهنجو جلال مون تان لاهي ورتو آهي، ۽ منهنجي مٿي تان ڇٽ کڻي ورتو اٿس.
10
هن مون کي هر طرف کان ڀڃي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ناس ٿي ويو آهيان: ۽ منهنجي اُميد هن وڻ وانگر پٽي ڪڍي آهي.
11
هن مون تي پنهنجي ڪاوڙ بہ تيز ڪئي آهي، ۽ هو مون کي پنهنجن مخالفن مان هڪڙو شمار ٿو ڪري.
12
هن جا لشڪر گڏ هليا اچن، ۽ اُهي مون ڏي پنهنجو رستو ڪڍن ٿا، ۽ منهنجي تنبوءَ جي چوڌاري منزل ٿا ڪن.
13
هن منهنجن ڀائرن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجا واقف مون کان اصل ڌار ڪيا اٿس.
14
منهنجا مٽ مائٽ مون کي ڇڏي ويا آهن، ۽ منهنجن گهاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي.
15
جيڪي منهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي، ۽ منهنجون ٻانهيون، مون کي ڌاريو ٿيون شمار ڪن: هنن جي نظر ۾ آءٌ هڪڙو پرديسي آهيان.
16
آءٌ پنهنجي ٻانهي کي سڏ ٿو ڪريان پر هو مون کي جواب نٿو ڏي، جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي وات سان هن جي منٿ ٿو ڪريان.
17
منهنجي زال کي مون مان بانس ٿي اچي، ۽ منهنجي ماءُ جو اولاد مون کي ڌڪاري ٿو.
18
ويندي ننڍا ٻار بہ مون کي ڌڪارين ٿا؛ جڏهن آءٌ اُٿان ٿو تہ هو منهنجي برخلاف ڳالهائين ٿا.
19
سڀ منهنجا دلي دوست مون سان نفرت ٿا ڪن: ۽ جن سان منهنجي محبت هئي سي مون کان ڦري ويا آهن.
20
منهنجو هڏو منهنجي کل ۽ ماس کي چنبڙيو ٿو پوي، ۽ آءٌ ذري گهٽ بچي ويو آهيان.
21
اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي.
22
ڇالاءِ اوهين مون کي خدا وانگر ستايو ٿا، ۽ منهنجي بت تي رحم نٿا ڪريو.
23
اڙي، جي هاڻي منهنجون ڳالهيون لکيون وڃن تہ چڱو! اڙي جي اُهي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيون وڃن تہ چڱو!
24
جي اُهي لوهہ جي قلم ۽ شيشي سان هميشہ لاءِ ٽڪر تي اُڪريون وڃن تہ چڱو!
25
پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو.
26
۽ منهنجي کل جي انهيءَ طرح ناس ٿيڻ کان پوءِ بہ پنهنجي جسم ۾ آءٌ خدا کي ڏسندس:
27
جنهن کي آءٌ پاڻ ڏسندس ۽ منهنجون ئي اکيون ڏسنديون نہ ٻيون. منهنجا آنڊا منهنجي اندر ۾ سڙي ڳري ويا آهن.
28
جيڪڏهن اوهين چوندا تہ اسين هن کي ڪيئن نہ ستائينداسين، ڇالاءِ جو ڳالهہ جو بنياد مون ۾ موجود آهي؛
29
تہ اوهين ترار جو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو غضب ترار جي مار آڻي ٿو، تہ ڀلي اوهين ڄاڻو تہ هڪڙي عدالت ٿيندي.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42