bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 6
Job 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 7 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏئي چيو تہ،
2
اڙي جي منهنجو رنج رڳو تورڻ ۾ اچي، ۽ منهنجي مصيبت ساهميءَ ۾ گڏ رکي وڃي تہ ڪهڙو نہ چڱو!
3
ڇالاءِ جو اهو سمنڊن جي واريءَ کان بہ ڳرو ٿي ويندو، تنهنڪري منهنجي ڳالهہ اُٻري ٿي پيئي آهي.
4
ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون.
5
جڏهن خچر کي گاهہ آهي تڏهن هو هينگي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڏاند پنهنجي چاري تي رنڀي ٿو ڇا؟
6
جنهن ۾ ڪابہ لذت ڪانهي، سا لوڻ کان سواءِ کائبي آهي ڇا؟ يا بيدي جي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟
7
منهنجو روح انهن کي ڇهڻ کان انڪار ڪري ٿو؛ اهي منهنجي لاءِ نفرت جهڙو کاڌو آهن.
8
اڙي، جي منهنجو مطلب پورو ٿئي، ۽ جنهن شيءِ جي لاءِ آءٌ خواهشمند آهيان سا جيڪر خدا مون کي ڏئي!
9
شل خدا جي مرضي ٿئي تہ مون کي چپي ڇڏي، ۽ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري مونکي اصل وڍي ڦٽو ڪري!
10
تڏهن بہ جيڪر مونکي دلاسو ٿئي، هائو، جيڪو سور مون کي نٿو ڇڏي، تنهن ۾ بہ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان، ڇالاءِ جو مون انهيءَ پاڪ وجود جو ڪلام رد نہ ڪيو آهي.
11
مون ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو ترسي ويهان؟ ۽ منهنجي پڇاڙي ڪهڙي آهي جو آءٌ صبر ڪريان؟
12
منهنجي طاقت ڪا پٿرن جي طاقت آهي ڇا؟ يا منهنجو بت ڪو پتل جو آهي ڇا؟
13
ائين نہ آهي ڇا تہ مون کي ڪو بہ چارو ڪونهي، ۽ اثر واري ڪم ڪرڻ جي طاقت مون مان بلڪل نڪري ويئي آهي؟
14
جيڪو ماندي ٿيڻ تي آهي تنهن جي لاءِ سندس دوست کي مهرباني ڏيکارڻ لازم آهي، انهي لاءِ بہ جو قادر مطلق جو خوف ڇڏي ڏئي ٿو.
15
منهنجن ڀائرن هڪڙيءَ نهر وانگر ٺڳي ڪئي آهي، بلڪ انهن بيانن جي نهرن، وانگر، جي سڪي ٿيون وڃن.
16
جي نهرون برف جي ڪري ڪاريون آهن، جن ۾ برف لڪي پيئي آهي،
17
جنهن وقت اهي گرم ٿين ٿيون، انهيءَ وقت گم ٿيو وڃن: جڏهن گرمي ٿئي ٿي تڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان نڪريو کپيو وڃن.
18
جيڪي قافلا سندن پاسي کان لنگهن ٿا سي ڦري پاسو ڪن ٿا، هو سڃ ڏانهن وڃي ناس ٿيو وڃن.
19
تيما جي قافلن نهاريو، ۽ سبا جون ٽوليون انهن جي لاءِ منتظر ٿي ويٺيون.
20
اهي شرمندا ٿيا آهن، ڇالاءِ جو انهن اُميد رکي هئي، اهي اتي آيا ۽ سندن متيون منجهي ويون.
21
ڇالاءِ جو اوهين هاڻي ڪي ڪين آهيو؛ اوهين خوف ڏسو ٿا ۽ ڊڄو ٿا.
22
مون ڪو چيو ڇا تہ ڪجهہ مون کي ڏيو؟ يا پنهنجي مال ملڪيت مان ڪا سوکڙي مون کي ڏيو؟
23
يا مون کي دشمن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟
24
مون کي سيکاريو تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان: ۽ جن ڳالهين ۾ مون ڀل ڪئي هجي سي مون کي سمجهايو.
25
سچائيءَ جو ڪلام ڪهڙو نہ زور ڀريو آهي! پر اوهانجي حجت ڪنهن کي ٿي فهمائش ڪري؟
26
اوهان جو اهو خيال آهي ڇا تہ ڳالهين جي فهمائش ڏجي؟ ڇالاءِ جو جيڪو اُميد ڇڏي ٿو، تنهن جون ڳالهيون هوا جهڙيون آهن.
27
هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو.
28
تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري مون ڏي نهاريو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي منهن تي ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس.
29
آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ موٽي وڃو، ڪابہ بي انصافي ٿيڻ نہ ڏيو، هائو، موٽي وڃو منهنجي دعويٰ سچي آهي.
30
منهنجي زبان تي ڪا بي انصافي آهي ڇا؟ مون کي چکڻ سان نقصان وارين شين جي خبر پئجي نٿي سگهي ڇا؟
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42